24 آچر , جون 2018

دنيا ايندڙ 600 سالن ۾ دوزخ بڻجي ويندي:ماهر

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته دنيا ايندڙ 600 سالن ۾ ايتري قدر گرم ٿي ويندي جو هتي صرف انسان ئي نه پر زندگي جي ڪنهن به صورت جو زندا رهڻ تقريبن ناممڪن ٿي ويندو.جڏهن ته  انسانن کي گهرجي ته ان کان اڳ هو زمين کي ڇڏي ٻئي ڪٿي منتقل ٿيڻ جي تياري ڪن. بيجنگ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي هڪ ڪانفرنس ٽينسنٽ ڊبليو اي سمٽ کي وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي اسٽيفن هاڪنگ جو چوڻ هو ته دنيا ۾ تيزي سان وڌندڙ انساني آبادي ۽ توانائي جي طلب ۽ پيداوار ۾ مسلسل اضافي سبب گدلاڻ به حد کان وڌيڪ ٿي وئي آهي جيڪا آخرڪار تباهي جو سبب بڻجندي هن جو چوڻ هو ته زمين کي سڀ کان ويجهي ستار الفا سينٽور جي ڪنهن سياري تي دنيا جي ماڻهن جي رهائش لاءِ موزون ماحول ملي سگهي ٿو پنهنجي خطاب ۾ هن پنهنجي اسٽار شات نالي منصوبي جي ضرورت جو خاص طور تي ذڪر ڪندي چيو ته حقيقت بڻجڻ جي صورت ۾ اهو منصوبو انسانيت جي بقاءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماحول دشمن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي تيل ۾ تبديل ٿيندڙ ڪارخانو

هارورڊ (ويب ڊيسڪ)عاليم پئماني  تي تپش   ۾ واڌ  جو سڀ کان بدنام گيس ڪاربان داءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے