26 اربع , سيپٽمبر 2018

ويسپا پهريون اليڪٽرانڪ اسڪوٽر متعارف ڪرائي ڇڏيو

روس (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اسٽوڪر جي ڳالهه ڪئي وڃي ته جنهن ڪمپني جو نالو ذهن ۾ سڀ کان اڳ ۾ ايندو، اها آهي ويسپا، جنهن هاڻ پهنجو پهريون اليڪٽرانڪ اسڪوٽر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته اهو اسڪوٽر بنا پيٽرول جي 62 ميل يا 100 ڪلو ميٽرن تائين سفر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، اهڙي ريت ان جو هڪ هائبرڊ ورزن به موجود هوندو، جنهن ۾ گئس سان هلندڙ جنريٽر اسڪوٽر کي 124 ميلن تائين سفر ڪرڻ جي مدد ڏيندو. ڪمپني گذريل سال بجلي تي هلندڙ اسڪوٽر جي تياري جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻ ان کي اٽلي ۾ جاري ميلان موٽر سائيڪل شو ۾ پيش ڪيو ويو. ڪمپني موجب اهو 50 سي سي اسڪوٽر هوندو ۽ اها پهرين سواري هوندي، جيڪا هوا ۾ زهريلو دونهون خارج نه ڪندي. اهو اسڪوٽر شهري ماحول لاءِ پرفيڪٽ آهي ۽ سوڙهن رستن تي به ماڻهن کي وقت سر منزل تائين پهچائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو، ان ۾ لڳل اليڪٽرانڪ بيٽري جو مدو 10 سال ٻڌايو ويو آهي. اسڪوٽر ۾ 4.3 انچن جو ٽي ايف ٽي ڪلر ڊسپلي ڏنو ويو آهي، جيڪو مختلف ڄاڻ جهڙوڪ رفتار، رينج ۽ چارج ليول بابت ٻڌائيندو. ان اسڪوٽر جي ڊسپلي کي ميسيجن ۽ ايندڙ ڪالز به لاءِ استعمال ڪري سگهبو، جڏهن ته هڪ ايپليڪيشن ذريعي اسڪوٽر جي مسئلن بابت ڄاڻي سگهبو ۽ رستن لاءِ هڪ نقشو به هوندو. ڪمپني في الحال ان جي قيمت جو اعلان ناهي ڪيو پر ان وجب ايندڙ سال اهو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موجود هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Webmaster Tools with Google login features for Google Chrome version concerns about data privacy

گوگل ڪروم ورزن 69 جي پاڻمرادو لاگ اِن فيچر سان واهپيدارن کي ڊيٽا پرائيوسي جا خدشا

ڪيليفورنيا( ويب ڊيسڪ ) گوگل جي مشهور برائوزنگ ڪروم نئين ورزن 69 ۾ شامل پاڻمرادو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے