|
سنڌ ۾ 86 ايسوسيئيٽ پروفيسرن کي 19 کان 20 هين گريڊ ۾
ترقي |
 |
|
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه
جي صدارت هيٺ پروموشن بورڊ ون جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيئر
وزير تعليم پير مظهرالحق چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري تعليم ۽
بورڊ جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 86 ايسوسيئيٽ
پروفيسرن کي 19 کان 20 هين گريڊ ۾ پروفيسر طور ترقي جي
منظوري ڏني وئي، جن ۾ 52 ميل ۽ 34 فيميل ايسوسيئيٽ پروفيسر
شامل آهي. اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته اها ترقي 19
جنوري 2010 کان لاڳو ٿيندي، جنهن دوران رٽائرڊ ٿيندڙ
ايسوسيئيٽ پروفيسر پڻ فائدو حاصل ڪري سگهندا، سنڌ جي
سينيئر وزير تعليم پير مظهرالحق اقرا ميونسپل اسڪول دادو
جي عمارت جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ ۽ 3 ٻار زخمي ٿيڻ واري واقعي
جو سخت نوٽس وٺندي پ پ جي مقامي اڳواڻن کي بنا دير اسپتال
پهچڻ ۽ ٻارن جو علاج ڪرائڻ ۽ ايڊيوڪيشن ورڪس کي اسڪول جي
مرمت ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. |
|
|
|
|
|
|