73ع جو آئين اصل شڪل ۾ بحال نٿو ٿي سگهي، ججن جي مقرري وارو طريقو تبديل ٿيڻ گهرجي: اعتزاز

اسلام آباد (م ڊ): پ پ اڳواڻ بئريسٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته 73ع جو آئين ڪنهن به صورت ۾ مڪمل بحال نٿو ٿي سگهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته ججن جي مقرري وارو طريقو تبديل ٿيڻ گهرجي. جڊيشل ڪميشن ججن جي مقرري پاڻ نه ڪندي ۽ اهو چوڻ به غلط هوندو ته ڪميشن ذريعي سياسي ڀرتيون ٿينديون. هن چيو ته سياسي وابستگي ڪنهن به جج لاءِ نااهليت ناهي. هن چيو ته 31 جولاءِ 2007ع واري فيصلي آمريت جي رستي ۾ هڪ اونهي کڏ کوٽي ڇڏي آهي.