حيدرآباد ۾ عمر قيد جو قيدي پراسرار نموني فوت، قيدين جو انتظاميا تي قتل جو الزام، احتجاج

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سينيٽرل جيل حيدرآباد ۾ قتل ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ڪاٽيندڙ ماتلي جو رهواسي قيدي 40 سالن جو مارو ولد لڇمڻ جو کولي مان پنکي ۾ لٽڪيل لاش مليو آهي، جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته مارو ڪولهي جو دماغي توازن درست نه هو، جنهن ڪري کيس چرين واري وارڊ ۾ الڳ رکيو ويو هو، هن پنهنجي ڳچيءَ ۾ اڳٺ ٻڌي پکي ۾ لٽڪي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته جيل جي قيدين جو چوڻ آهي ته مارو تي جيل انتظاميا ڪالهه صبح جو سخت تشدد ڪيو هو، جنهن ڪري هن جي حالت تمام گهڻي خراب هئي، جيل انتظاميا کيس قتل ڪري خودڪشي جو ڊرامو رچايو آهي، اهڙي عمل خلاف قيدي جيل جي ڇتين تي چڙهي ويا ۽ هنن سخت احتجاج ڪيو، رات دير تائين قيدي جيل جي ڇتن تي ويٺل هئا، جڏهن ته فوتي قيدي جو لاش ٽنگيل هو، جيڪو انتظاميا نه لاٿو هو ۽ نه ئي ڇتين تي چڙهي احتجاج ڪندڙ قيدين سان انتظاميا ڪو رابطو  نه ڪيو هو.