17 بدھ , جنوری 2018

نوجوان شاعر سڪندر هاڙهي جو ڪتاب مينهن ڪڻيون:نادر دايو

سڪندر هاڙهو اُتر سنڌ جي بارڊر واري پٽي جي شهر شهدادڪوٽ سان تعلق رکي ٿو، سڪندر نوجوان شاعر آهي پر هو ننڍپڻ کان کي لکڻ ۽ پڙهڻ واري عشق سان لاڳاپيل رهيو آهي، سندس چواڻي وٽس اڄ تائين 3 کان 4 ڪتابن جو شاعراڻو مواد موجود آهي. سڪندر تخليقي پورهي جون وکريل ڪجهه ڪوتائون سهيڙي ڪتابي صورت ۾ ”مينهن مڻيون جي نانءُ سان ڇپرايو آهي. سندس پهرين ڪتاب تي کيس دلي واڌايون ڏيان ٿو. شال قبول پون.

سڪندر جي شاعري ڳوڙهي مطالعي نه به پر ڳوڙهي مشاهدي جو نتيجو آهي، سڪندر بدلجندڙ سماجي حالتن تي قلم کڻي پنهنجي موجودگي جو احساس ڏنو آهي.

سڪندر جي شاعريءَ ۾ سندس ڀرپاسي جون انيڪ وارتائون نظر اچن ٿيون، هُن شاعري جي مڙني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، هن غزل، گيت، وايون، ٽيڙو، نظم خوبصورت لکيا آهن، سڪندر هاڙهي امام علي عليه سلام جي شان ۾ قصيده گوئي ڪئي به آهي، سندس نوحه عاليشان لکيل آهن،

سڪندر جا نوحه ڪيترن ئي نامور نوحه خوانن ڳايا آهن، جيڪي پڻ مقبول ويا آهن، سڪندر سنڌي سان گڏ سرائيڪي توڙي اردو ٻولين ۾ پڻ شاعري لکي آهي. سندس پهرين ڪتاب ”مينهن ڪڻيون “ ۾ تقريبن سڀئي صنفون شامل آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو مڪمل شاعر  آهي. سڪندر جي هن شاعراڻي مجموعي ۾ نامور لکيڪن، جواد جعفري ۽ علي صفدر چانڊيي جا مهاڳ ۽ امهاڳ شامل آهي، جن پڻ سڪندر جي شاعري تي بهترين ڪمينٽ لکيا آهن، ڊاڪٽر آر ڪي ڪي، رشيد خانواهي، عبدالواحد سومري جا تاثر هن ڪتاب جي سونهن آهن، احمد علي صابر چانڊيي بيڪ ٽائيٽل لکي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. سڪندر هاڙهي جو 128 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ ڇپرائي پڌرو ڪيو.  هن شعري مجموعي جو ملهه 200 رپيا آهن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے