20 ہفتہ , جنوری 2018

ڪتاب اسانجا دوست آهن :رکيل مورائي

نامياري ڪهاڻيڪار روشن علي تنئي جا

ٽي ناوليٽ

چڱو عرصو اڳ منهنجي دوست محمد علي پٺاڻ پاران ” منڇر ٻڏي ويو “ جي نالي سان هڪ ڪهاڻي ڪتاب مليو هو. ان ڪتاب جو ليکڪ محترم روشن علي تنيو هئو. ڪهاڻين جو تاثر ته ذهن تان هٽي ويو اهي. پر تازوئي ڊاڪٽر آفتاب ابڙي ۽ ڊاڪٽر اسلم سنديلي صاحب جڏهن ڪچهريءَ ۾ اهو ٻڌايو ته روشن علي تنئي جا ٽي ناول اچي رهيا آهن ته منهنجي ذهن تي ان نالي ۽ ڪتاب جي نالي سان گڏ ڪهاڻين ۾ استعمال ٿيل ٻولي تري جيڪا نهايت وڻندڙ هئي.

هاڻ جڏهن منهنجي مطالعي هيٺ  اهو هڪ ئي جلد ۾ آيل ٽن ناوليٽن وارو ڪتاب  جنهن جو نالو به ”ٽي ناوليٽ“  آهي آيو آهي ته ان ئي تاتر هيٺ مون پڙهڻ شروع ڪيو ۽ سچ اهو آهي ته روشن تنئي  صاحب جي هنن ناولن ۾ ٻولي اهڙي ئي وڻندڙ آهي جهڙي سندس ڪهاڻين جي هئي، جيتوڻيڪ هي ٽئي ناوليٽ  لڳ ڀڳ اڌ صدي الڳ  جا لکيل آهن ۽ ظاهر آهي ته مو ضوع  به ان دور جا آهن.

اڄ عالمي ادب توڻي اسان جي آس پاس لکيون ٻولين جي ادب سميت، سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو ويندڙ ناول اڌ صديءَ جو سفر ڪري گهڻو اڳتي نڪري آيو آهي. ڇاڪاڻ ته اڄ  جون ۽ اڄ  جي ادب جون ۽ ادب ۾ ناول جون گهرجون  پنهنجون آهن. جنهن کي اڄ جو ماحول ، مسئلا ۽ ٻولي اڄ جي گهربل آهي.

روشن تنئي مرحوم جا هيءُ ناوليٽ  پنهنجي پنهنجي ننڍڙي دائري ۾ نهايت خوبصورت آهن. پر هنن جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ان ٻوليءَ  به ڪيو آهي، جيڪا گهڻو گهڻو وڻندڙ آهي ۽ اڄ  جي ليکڪ وٽان غائب  ٿي رهي آهي.

اڄ  جڏهن هيءُ ناوليٽ پڙهجن ٿا. ته اکين اڳيان اها سنڌ اچي وڃي ٿي جيڪا پر امن هئي، ميٺ محبت واري هئي،پر ان جو مقصد اهو نه آهي ته انهيءَ دور ۾ ماڻهن ۾ لچايون ڪونه هيون ، سهراب ۽ رستم جهڙا ڪردار به هيا ته مهتاب  ۽ جنان جهڙا توڻي مراد جهڙا ڪردار نه هيا، جڏهن ته ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن ۾ اهو علم اچڻ جو شروعاتي دور هئو. پر حيرت اها آهي،ته سماجي طور سنڌ اڄ به انهن  يا انهن  کان به ڏکين حالتن مان گذري رهي آهي، ان وقت سنڌ جي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن  ۾ تعليم اچي رهي هئي ۽ هاڻ انهن ڳوٺن توڻي شهرن مان تعليم وڃي رهي آهي.

هڪ پڙهندڙ جي حوالي ۾ مون کي هن ڪتاب جي آخري ناوليٽ  وڌيڪ موهيو آهي، جنهن جو نالو آهي ” وهانءُ  “ جيتوڻيڪ مان هن ناوليٽ کي يا ٽنهي ناوليٽن کي پنهنجي سهولت لاءِ ڊگهيون / وڏيون ڪهاڻيون  چوندي ، اطمينان حاصل ڪيان ٿو.

” وهانءُ“ ڪهاڻي جي جيڪا ٻولي آهي ۽ ان ۾ اسان جي وهانءَ جي ڪاڄ جون جيڪي، باريڪيون اظهاريون ويون آهن، اهي نه رڳو بيمثال آهن، پر سنڌي سماج جي سموري نفسيات انهن سوڻن ساٺن ۽ چوڻين ۾ موجود آهي، محاوريدار ٻوليءَ ۾ لکيل هيءَ ڪهاڻي / ناوليٽ پنهنجي اظهار جي باريڪن سبب پڪ سان سنڌي ادب ۾ سدائين ياد رکڻ جهڙو آهي.

اڄ جو نه فقط شهري سنڌي مرد پر شهري سنڌي عورت به هيءَ  ڪهاڻي پڙهي حيران  ٿيندي، ڇاڪاڻ اها به مٿئين حوالي ۾اڻڄاڻ آهي. سچ پچ هي ناوليٽ هڪ ڊاڪيومينٽري آهي. جيڪا پنهنجي دور ۽ اڄ  اسان و ٽان گم ٿيندڙ سوڻن ساٺن ۽ ساڳئي وقت انهن  ۾ استعمال ٿيندڙ چوڻين ، پهاڪن، محاورن ۽ ٻوليءَ  جي سواد واري دور ۾ وري پڙهڻ گهرجي.

” دل جي پٺيان “ ناوليٽ ۾ جنان جو ڪردار ۽  ”وهانءَ “ ۾ مهتاب النساءُ جو ڪردار اسان جي ان عورت جا ڪردار آهن، جيڪي سانڍڻ جهڙا آهي ۽ ڪنهن به سماج جا توڻي  وقت جا امين  ڪردار آهن.

ٿيڻ ته ائين گهرجي ته اسان جي هن ليکڪ جا سڀ تخليقي ڪتاب شايع ڪرائي اڄ جي پڙهندڙ کي اها سنڌ ڏيکاري وڃي جيڪا هر طرح  خوشحال هئي.

۽ ان جي ٻوليءَ  جي خوشحاليءَ  جون اندازو اسان کان وڇڙي ويل سائين روشن علي تنئي جي هنن لکڻين مان لڳائي سگهجي ٿو.

مان پنهنجي  ڀاءُ سليم اختر تنئي  جو ٿورائتو آهيان، جنهن مون کي هي سهڻا ڪنهن به طرح پڙهڻ، پرائڻ ۽ سانڍڻ جهڙو ڪتاب موڪليو. هيءُ ڪتاب پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشرز ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آهي آهن، ڪتاب جو ملهه اڍائي سئو رپيا آهي ۽ منجهس هڪ سئو اسي صفحا آهن.

نوجوان محقق مختيار احمد ملاح جو تازو ڪتاب

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

تخليقي ادب جي ڳالهه پوئتي رکي، پهرئين سنڌي مجموعي نثر جو ذڪر ڪبو تڏهن به ان جي مجموعي عمر ڪا گهڻي نه آهي. اهي ڪي سوا ٻه  سئو سال جيتوڻيڪ ان جا شروعاتي اهڃاڻ گهڻو قيديم آهن، ان جون بنيادي صورت الڳ الڳ دورن ۾ ملن ٿيون، ان جي تفصيل جا نچڻ جي ضرورت هجي ته تازوئي  اسان جي نهايت محنتي دوست ۽ محقق مختيار احمد ملاح جو ڇپل ڪتاب ” اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاري“ پڙهي سگهجي ٿو.

مختيار احمد ملاح سچ پچ نهايت جاکوڙي نوجوان محقق آهي، ان جاکوڙ سبب جيڪي هن نئين صديءَ ۾ سنڌي ڪتاب لکيا آهن، انهن جا موضوع هڪ صديءَ ۾ به اسان جي آڏو اچي نه سگهيا. برابر اهو سمورو تحقيق جو ڪم ادارن کي ڪرائڻ گهرجي ها پر جڏهن ڪنهن به اداري جو ڌيان انهن موضوعن ڏانهن نه ويو ته مختيار احمد ملاح انهن موضوعن کي پنهنجي لکڻ جو موضوع بڻايو ۽نهايت  اهم ڪتاب لکي ورتا، جن مان هيءَ ڪتاب به هڪ آهي.

ڏٺو وڃي ته اوڻيهين صدي اسان جي سنڌي نثر جي بنياد واري صدي آهي، خاص طور برٽش سرڪار جو جڙڻ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ۽ ان جي سائنسي بنيادن تي واجهه ويجهه لاءِ هيءَ اهم صدي آهي، جنهن حوالي ۾ مجموعي طور شايد سنڌي ٻوليءَ ۾ هيءَ  پهريون ڪتاب آهي، جيڪو اسان جي دوست چڱي موچاري تحقيق کانپوءِ لکيو آهي.

برٽس سرڪار ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکت کي هڪ مڪمل گرامري صورت ۾ آندو ويو. ٽائيپ ايجاد ٿي جنهن بنياد تي سنڌي ڪمپوزيشن اڄ  جديد نموني سان، ڪمپيوٽر تي لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي.

پريس آئي ته ڪتاب لکجڻ ۽ ڇپجڻ شروع ٿيا. ائين سنڌي ٻولي ڪتابت کان اڳتي وڌي اڄ ڪمپيوٽر تائين پهتي آهي، مختيار احمد ملاح صاحب جي لکڻ موجب ته اڻويهين صديءَ  ۾ ئي نصابي نثر جي شروعات ٿي ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ تخليقي ادب جي شروعات ٿي. يعني اڻيهن صديءَ ۾ ئي سنڌي لکائي ۽ ڇپائيءَ جا بنياد پيا.

هيءُ ڪتاب پنهنجي پاڻ ۾ اها سموري تاريخ سانڍي ٿو، جيڪا قديم توڻي جديد سنڌي نثر جي آهي، ان ڪري ادبي حوالي ۾ هي ڪتاب هڪ اهم تحقيق آهي. جنهن جي اهيمت نرالي آهي. ڪتاب پڙهڻ سان اسان پنهنجي سنڌي نثر جي سموري تاريخ کان واقف ٿيون ٿا. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل صديءَ کان اڳ جي سنڌ ۾لکيو ويندڙ نثر جو به جائزو ڏنل آهن. ڀلي اهو ڪهڙين به شڪلين ۾ موجود هئو. ائين انهيءَ جي تاريخ ويدن تائين وڃي ٿي جيڪي دنيا ۾ پهريان لکيل ڪتاب ڄاڻايا ويا آهن.

ڪيئن به هجي، سنڌي نثر بابت لکيل هيءُ ڪتاب لکي ليکڪ  اڄ جي ان نسل تي احسان ڪيو آهي. جيڪو ڪتاب پڙهڻ کان ئي پري آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي سموري تهذيبي، ثقافتي، قومي ۽ ادبي تاريخ کان وانجهيل آهي.

سنڌي نثر بابت هيءَ ڪتاب ڪنهن به طرح پنهنجا سڀ تنقيدي حوالا سانڍيندي (جيڪي اڳتي هلي ظاهر ٿيڻا آهن) هڪ بنيادي  نوعيت جو ڪتاب آهي، جيڪو اسان کي  پنهنجي ٻولي ۽  ادبي تاريخ سان جوڙي ٿو. ڪتاب تي ٿيل محنت جو اندازو پڙهڻ وارن کان  وڌيڪ انهن عالمن کي ٿيندو جيڪي  هن قسم جي تحقيق کي پنهنجون عمريون ڏئي ويٺا آهن ۽ پوءِ به سدائين شاهه سائينءَ جي هيءَ سٽ آڏو رکن ٿا ته

جي ماسوملئي مال، ته پوچارا پُرٿئين !

ڏهن بابن ۾ ورهايل هن تحقيقي ڪتاب ۾ جتي اسان کي اڻويهين  صديءَ ۾ سنڌي نثر جي تاريخي ارتقا ڏسڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ملي ٿي اتي انهن ايڪهٺ اديبن، عالمن ۽ محققن جي ان ڪيل ڪم جي ڄاڻ  به پوي ٿي جن اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ  سان گڏ سنڌي نثر کي به اوج  ڏياري، هيءُ اهي عالم ۽ اديب هئا. جن مان گهڻائيءَ جي نالن جي به اڄ جي نوجوان لکندڙن کي خبر نه آهي.

مان واري ليکڪ / محقق جي محنت جو اندازو انهن عالمن ۽ اديبن جي پروفائيلن مان به پئجي سگهي ٿو. جيڪي ليکڪ هن ڪتاب ۾ ڏنا آهن.

چارسئو اٺن صفحن تي ٻڌل هيءُ  ڪتاب هڪ املهه تحقيق جو نتيجو آهي، جنهن جي ساراهه ڪرڻ ئي جڳائي ٻيءَ طرح مختيار احمد ملاح جن موضوعن تي به لکيو آهي، انهن بابت گهڻي تحقيق ڪئي آهي، اهڙي تحقيق جيڪا اڄ اسان جي  نسلن کان ڪئي ته نٿي پڄي پر پڙهي به نٿي پڄي، شايد  مختيار ملاح جهڙا ڪجهه  نوجوان ئي آهن. جيڪي هن قسم جي تحقيق ۾ رڌل آهن.  مون کي خوشي ٿيندي آهي ته هو منهنجو دوست آهي ۽ اڄ  جي نسل  ۾ منفرد نوجوان آهي.

ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي لکيل وڻندڙ مهاڳ وارو چئن سون اٺن صفحن وارو هيءُ بيحد اهم ڪتاب بلاول انسٽيٽيوٽ آف هيسٽاريڪل ريسرچ، نواب شاهه پاران ڇپايل آهي ۽ ڪتاب جو ملهه ساڍا  چار سئو رپيا آهي. ٻيءَ طرح هي هڪ  املهه ڪتاب آهي، جنهن کي نه ملندڙ ڪن اهم تصويرن وڌيڪ املهه بڻايو آهي ۽ بس !.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے