23 آچر , سيپٽمبر 2018

درد هوش محمد ابڙي جي شاعريءَ جو ڪتاب ” ملندو نيٺ پنهل“ :ادل سولنگي

* درد هوش محمد ابڙي جي شاعريءَ جو هي ٽيون ڪتاب آهي جنهن ۾ سندس غزل، وايون ۽ نظم شامل آهن. درد جي شاعري روايت کي اورانگهي  جدت / نواڻ ڏانهن وکون کڻندي نظر اچي ٿي. جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته ” درد جو درد سان شاعراڻو ئي نه پر محبوباڻو رشتو به جڙي ويو آهي“ . درد هوش محمد ابڙي جي هن ڪتاب م شامل شاعريءَ  جو محرڪ ۽ محور ” ڳولا ۽ اميد“ آهي، ڇاڪاڻ جو ملندو نيٺ ، پنهل اهڙو نالو آهي. جنهن جي پهرئين جملي ۾ ئي هڪ اميد ڏيکاري وئي آهي. نيٺ  يعني  ”اوس يا آخر ڪار “  جنهن ۾پنهل جو نالو به اچي ٿو ته اهو  سنڌي شاعريءَ  جي اهم  تمثيل کڻي ان کي اظهاريو ويو آهي. پنهل کي پائڻ سسئيءَ جي اميد آهي. جستجو ۽ ڳولا آهي جنهن کيس پهاڙن جا پنڌ  ڪرايا هئا ۽ جڏهن جبل هن سان جاڙون ٿي ڪيون تڏهن  سسئي  کيس چتاءُ  ڏيندي چوندي نظر اچي ٿي ته ” آڏو ٽڪرٽر، مٿان روهه رتيون ٿئين،  ۽ پنهل جي ملڻ جي اندر ۾ آس  کڻي پنهنجي منزل ڏانهن اڳڀري ٿيندي ڏٺي وئي آهي. اهڙو ئي پيغام درد هوش محمد جي هن شاعريءَ  ۾ ملي ٿو. شاعري توڙي جو مختلف بحر وزن ، رديف، قافئي، اصطلاحن، تشبيهن ، استعارن  ، محاورن ۽ چوڻين جي آڌار تي رچيل هوندي آهي. جنهن  ۾ تاريخ جي ڄاڻ  علمي ادبي شعور ۽ ٻوليءَ  جو سيبائتي نموني استعمال ، جمالياتي اڻت، سٽاءُ ۽ مختلف صنفن جي فن ، فڪر ۽ بيهڪ جي ڄاڻ، ڏات ۽ ڏانءَ جي ڪماليت ۽ احساساتي اظهار رکندڙ خوبين واري شاعري جيڪا پنهنجي سماج جو آئينو هوندي آهي. ڪنهن به  دور ۽  زماني جي سياسي، سماجي، معاشي، علمي، ادبي ، اٿل پٿل جي ڄاڻ  جو شاعراڻو اظهار هوندو آهي. شاعري جي ڪٿ ، پرک  پروڙ ڪرڻ سان اهو دور ۽ زمانو پنهنجي سمورين خوبين  ۽ خامين سان اڀري ايندو آهي. جنهن کي شاعراڻي تاريخ به چئي سگهجي ٿو. درد هوش محمد جي شاعري تو ڙي جو ان منزل تي اڃان ناهي پهتي تڏهن به سندس نگاهه ۾ اها  منزل ضرور  آهي ۽ سندس پيرپنڌ ۾ آهن. مستقبل ۾ هيءَ شاعري پنهنجي جمال ۽ ڪمال سان سلهاڙجي، جڏهن جو ڀن کي رسندي تڏهن ئي هن شاعريءَ جي سماجي ۽ ٻوليءَ جي ڪارج واري ڪردار نڀائڻ جي ڪٿ ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ جو شاعري رڳو بحر وزن، رديف ۽ قافيه ناهي هوندي  پر شاعري صدين جي تاريخي  شعور جو انوکو آواز به هوندي آهي.

درد هوش محمد جي شاعراڻي ڪرت مسلسل جدوجهد ۾ آهي ۽ اهي جُهد ئي آهن، جيڪي منزلون ماڻيندا آهن. درد جي شاعراڻي اڏام ۽ پنڌ پنهنجي منزل ويجهو ٿيندو پيو وڃي. جيڪا  نهايت ئي سرهائي واري ڳالهه آهي.  ڇاڪاڻ جو درد شاعراڻي مشق ڪندي ايڏي مهارت حاصل ڪري ورتي آهي جو هو پنهنجي  تخليقي عمل ذريعي شاعريءَ جي نزاڪتن ، نفاستن ، نازن ۽  نخرن کي چڱيءَ پر پروڙي ان جي سمورين فني توڙي فڪري  گهرجن جو پورائو ڪرڻ  وارو بار ۽ ذميواري پنهنجي ڪلهن تي کڻي سگهي ٿو، ۽ شاعريءَ  جي چنريءَ  تي پنهنجي ڏات جا رنگ  چٽي سگهي ٿو. درد وٽ، ڏات ۽ ڏانءَ جو ميلاپ آهي، جنهن جي ذريعي  هو ادب جي دنيا ۾ روز نيون تخليقون کڻي  سرهائي مان مرڪندي نظر اچي ٿو.

* درد هوش محمد جي هن ڪتاب کي مرڪ پبلڪيشن ڪراچي طرفان ڇپرايو ويو آهي، 224 صفحن تي ڦهليل هن شاعراڻي ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل ٺاهيو آهي. رضوان گل، جنهن ڪتاب جو ملهه 300 رپيا رکيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليلا خالد: تاريخ جو بهادر ڪردار:حميده گهانگهرو

اها چوڻي مشهور آهي ته عورت نفيس، نازڪ، ڪمزور دل ۽ هيڻي هوندي آهي، اهو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے