17 اربع , جنوري 2018

ننڍي کنڊ جي نامياري عالم ڊاڪٽر حمزه علوي ۽ سندس ڪتاب ” تشڪيل پاڪستان“ تي تبصرو تخليقي مڊل ڪلاس بدران موڳو ڪلاس پيدا ٿيڻ جو پاڪستاني ڪرشمو؛ڊاڪٽر ايوب شيخ

ڊاڪٽر حمزه علوي جي نالي ۾ ”علوي“ پڙهي مون ڳولڻ شروع ڪيو ته سندس حسب نسب ڇاهي؟ ڪير آهي؟ ڪٿان جو آهي؟ مون انٽرنيٽ تي ”علوي“ پئي لکيو ته ڪراچي جي پهرئين مسلمان ميئر حاتم علوي کانسواءِ ٻي ڪابه چاڻ نه پئي ملي. پوءِ تنهن ڏينهن آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ سندس مقالن جي اردو ۾ ٿيل ترجمن جي ڪتاب ” تشڪيل پاڪستان“ جي مهورت جي موقعي تي ڪتاب جي مترجم ڊاڪٽر رياض شيخ مرحوم حمزه علوي جي ڀاءُ مسٽر زين علوي سان ملايو، جيو پاڻ به گهٽ ۾ گهٽ 80 ورهين جو ٿئي لڳو. مرحوم حمزه علي حاتم علوي صاحب جو ڀائيٽيو هيو. ننڍي هوندي کان ئي کيس سماج کي ڳولڻ ڦولهڻ جي تڙپ هوندي هئي.  انٽرنيٽ تي هن جا ڪيئي عالمي سطح جا مضمون انگريزي ۾ موجود آهن، جن کي پڙهي سندس علمي حيثيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

مون ان ڪتاب تي تبصرو ڪندي تقريب ۾ چيو ته :

ان ڪتاب تي ڳالهائڻ کان اڳ آئون ضروري سمجهان ٿو ته ڪتاب جي ٻن صفحن تي ٻڌل پيش لفظ ۾ نامياري تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب جي يل هڪ اهم ڳالهه تي ٻه اکر لکان، جنهن ۾ اسان جي زمانن ۽ سماج جي باري ۾ اهم اشارو ڪيو ويو آهي. جيڪو اسان جي مڊل ڪلاس بابت آهي، جيڪو گذريل ٽن ڏهاڪن کان Dull Class بڻجي پيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي لفظن ۾ ته :

”اهو ضروري ٿي پيو آهي ته پاڪستاني سماج ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيون آهن، انهن کي به چڱيءَ پَرَ سمجهيو وڃي، خاص ڪري، پاڪستان ۾ وچئين طبقي جو اُڀار آيو آهي. پر ان طبقي کي مليل وسيلا ڪنهن به محنت کانسواءِ مليا آهن. ان ڪري اهو طبقو هڪ پاسي، جاگيرداراڻي ڪلچر سان ملي مذهبي رسمن ۽ روايتن سان گڏجي پنهنجي ملڪيتن جو بچاءُ ڪري رهيو آهي، ته ٻئي پاسي، جاگيردارن ۽ گادي نشينن سان ملي ترقيءَ جون راهون ۽ رستا به بند ڪري رهيو آهي. ان ڪري پاڪستان جو ڳاڻاٽو ذهني طور سنڍ ٿيل ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي. ڀلا! جنهن معاشري ۾ اظهار جي آزادي نه هجي، نئون فڪر تخليق نه ٿيندو هجي ته اهڙو سماج پسمانده ٿيندو ويندو“

ڪجهه ڪتاب جي باري ۾:

هن ڪتاب جو ليکڪ جناب حمزه علوي ڪراچي جي بوهري برادري سان واسطو رکندڙ هيو. هندستان جي ورهاڱي کان اڳ هن جا وڏا هتي اچي آباد ٿيا هئا. هو ورهاڱي کان 26 ورهيه اڳ، بمبئي پريزيڊنسي جي غلام بڻايل سنڌ جي اهم شهر ڪراچي ۾ 1921ع ۾ ڄائو هو. هو علمي طور پڙهندي پڙهندي سماجن کي سمجهندي سمجهندي مارڪسي اظهار مان متاثر ٿيو ۽ ان ئي اظهار جو بڻياد بڻايو. هو ان کي ئي اهم سمجهندو هو. هن جون لکڻيون گهڻو ڪري ننڍي کنڊ جي سماج، ان جي بناوٽ، نسلي رنگ، ٻولين، معاشيات، تضادن ۽ سياست تي ٻڌل آهن.

جناب حمزه علوي ۽ اقبال احمد خان پاڪستان جا ٻه عالم آهن، جيڪي عالمي طور مڃيل هئا يا دنيا جا ڪيئي عرب ۽ افريقي ملڪ انهن کان سڃاڻو هيا. هنن جي تجزئي کي اهميت ڏني ويندي هئي. هنن ٻنهي به مختلف سماجن ۽ ملڪن ۾ رهندي اتان جي معاشرن کان سکيو ۽ پنهنجي زندگين جو ڳچ حصو انهن کي ڏنو.

جناب حمزه علوي برطانيا جي ليڊز، سَسِيڪس ۽ مانچسٽر يونيورسٽين ۾ ڪيئي ورهيه پڙهايو. ورهاڱي جيئن سمورن ماڻهن کي متاثر ڪيو هو ايئن جناب حمزه علوي به متاثر ٿيو هو. هن ان تي به تحقيق ڪئي. ان تحقيق ۽ علم جي مسلسل ڳولا کيس معتبر بڻائي ڇڏيو. پاڪستان ٺهڻ کان 13 سال پوءِ 1960ع کان هن جون لکڻيون سچا سارا 40 سال بحث هيٺ رهيون. هن کي جيڪا ڳالهه سامهون ايندي هئي ۽ ان جو عوام سان ۽ سماج سان واسطو هيو ته هن ان تي قلم کنيو. مثلن:

جڏهن هن جا ڪن جنرل ايوب خان جي زرعي يا ”سائي انقلاب“ Green Revolution ٻُڌي ٻُڌي پچي پيا ته هن ان انقلاب وسيلي هارين لاءِ ڀلايون ڏسڻ شروع ڪيون.جيڪي رڳو اخباري هيون، علمي ۽ عملي طور نه هيون.

هن ننڍي کنڊ جي اسرندڙ سرمائيداري تي لکندي چيو آهي ته ” ڀارت جو سرمائيداري ڏاڪي به ڏاڪي هڪ Process مان اُسريو آهي، جڏهن ته پاڪستاني سرمائيدار ڪنهن به ”نودولتئي“ (پوڍائي) وانگر رياست جو رعايت يافتا بڻجي ان هنڌ پهتو آهي.

جڏهن 1971ع ۾ بنگلاديش ٺهيو ته ڊاڪٽر حمزه علوي پاڪستان جي رياست پاران پنهنجي ئي عوام تي جبر وارين پاليسين تي شاندار نموني لکيو.

جڏهن 1980ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ لساني فرقن ۾ اُڀار آيو، ته هن ان جو به جائزو ورتو آهي. ان جائزي هن کان پاڪستان جي لساني بنيادن تي هڪ شاندار مقالو لکيو.

جڏهن هن جنرل ضياالحق جي پاليسين جي مُهابي ملڪ ۾ بنيادپرستي ۽ اَسهپ ۾ واڌارو ڏٺو ته ان تي به سٺي تحقيق لکيائين. هن پاڪستان جي سياسي، سماجي، معاشي رشتن ۽ ان ۾ موجود سچن پچن ۽ هٿراڌن جُزن کي بحث جو موضوع بڻايو. ڇوته هن کي سماجي ۽ معاشرتي نفسيات جو گهرو اڀياس حاصل هيو.

ڊاڪٽر حمزه علوي پنهنجي ڄمار ۾ جيئن هن مختلف مضمونن ۾ ڄاڻايو آهي ته هن کي رڳو آفريقي ملڪن ۾ ئي هارين جي زندگين سمجهڻ جو موقعو نه مليو پر هن پنجاب جي شهر ساهيوال ۾ پڻ وڃي، اتي ڳوٺن ۾ رهي انهن جي زندگي جو مشاهدو ڪيو. اها تحقيق اڳتي هلي هن کي اها واٽ ڏيئي ويٺيون ته ڪنهن به سوشلسٽ انقلاب لاءِ غريب هارين جي بدران ڪجهه زمين رکندڙ هاري جن کي هو ”وچٿرا هاري“ جي نالي سان سڏي ٿو. هن 1965ع ۾ اهو خيال Thesis پيش ڪيو ته چيني انقلاب جي اُبتڙ اسان جو وچٿرو هاري شهري مزدور جو اتحادي بڻجي هراول دستي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. غريب هاري، جيو وڏيرن جو ۽ جاگيردارن جو محتاج هجي ٿو، سو اهڙي خطرپسندي Risk ۾ هٿ نه وجهي سگهندو.

هن ڪتاب ۾ ليکڪ جو پاڪستان ۾ ”نسليات جو سماجي بنياد“  Social Basis of Ethnicity جي عنوان سان هڪ شاندار مقالو پڻ ڏنو ويو آهي. جيڪو عالمي ميدان ۾ پاڪستاني ٻولين جو مامرو سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. پر ( معذرت سان)  ان مقالي ۾ ڪجهه نُڪتن کي پڙهندي پڙهندي ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته ليکڪ نام نهاد قومي ميڊيا تي رٽيل ڳالهين تي يقين ڪري ويٺو آهي. انهن ڳالهين کي پيش ڪرڻ وقت هو مارڪسي نه ٿو لڳي پر ڪراچي ۾ ڦاٿل هڪ بوهري واپاري لڳي ٿو. هو ان ڳالهه تي اصرار ٿو ڪري ته سنڌي قومپرست ۽ اردو ايم ڪيو ايم جو پاڻ ۾ ملڻ ۽ 1986ع ۾ ايل ايم سي ۾ الطاف حسين جو گارڊ ٿيڻ سان ٻنهي ٻولين لاءِ بهتر آهي. جيڪو عقلي طور توڙي علمي طور اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي. ان سان اتحاد وڌڻ بدران هڪٻئي کان پري ٿيڻ جهڙا واقعا وڌيڪ ٿيندا ويا. تجربي ته ثابت ڪيو ته ٻنهي (سياسي) گروپن پنهنجي ٻولين ۽ انهن سان واڳيل عوام جي ڀلائي لاءِ نه پئي سوچيو. پر، عالمي طور مارڪسزم به نه ٿي ٻڌائي ۽ نه ئي فلسفو ان جي اجازت ڏئي ٿو ته اسان ايئن چئون ته ”تنگ نظر قومپرستي“ ۽ فاشزم پاڻ ۾ ملي ڪي بهتر نتيجا ڏيندا. اهي ٻئي ته گڏجي رستا بند ڪندا، اهي رستا ڪڏهن به نه کوليندا.

آئون آخر ۾ وري پنهنجي پڙهندڙن کي ڊاڪٽر مبارڪ علي جي پيش لفظ ۾ جنهن پوڍائي يا نودولتئي مڊل ڪلاس جي باري ۾ لکيو ويو آهي، ان تي ڪجهه جملا لکڻ چاهيان ٿو.

پاڪستان م آهستي آهستي اهي ڏينهن اچي رهيا آهن جڏهن اهڙي مڊل ڪلاس Middle Class منجهان پيدا ٿيندڙ ان موڳي ڪلاس Dull Class جي باري ۾ هي تصور ذڪر ۾ ايندو رهندو. هي اهڙو مڊل ڪلاس آهي، جنهن محنت نه ڪئي پر ان هوندي به امير ٿي ويو. دولت ملڻ کان پوءِ هن وڏيرن ۽ مذهبي پيشوائن سان گڏجي سياست ڪرڻ شروع ڪئي آهي.

جڳ مشهور ڏاهي فريڊرڪ اينگلس ته هڪ شاندار تاريخي ۽ سائنسي مقالو لکي ان جو عنوان ڏنو هو ” بن مانس کان انسان ٿيڻ تائين محنت جو ڪردار“ محنت تخليق وڌائيندي آهي. جيڪا تاريخي طور مڊل ڪلاس جي خاصيت هئي. هاڻي جيئن ته اها محنت ختم ٿيندي رهي آهي ته تخليق پيدا ٿيڻ به گهٽجي رهي آهي. هاڻي ملڪ ۾ توڙي اسان جي صوبي سنڌ ۾ غيرتخليقي مڊل ڪلاس جنم وٺي رهيو آهي. جيڪو پاڻ جاگيردارن جهڙيون خوبيون پاڻ ۾ داخل ڪري اهڙا ڪرتب ڪري رهيو آهي،  جن جي سماج کي گهرج ئي ڪانهي. پاڪستان ۾ اردو دانش هجي يا سنڌي دانش، اها گهٽجي رهي آهي. ان ۾ لاٿ اچي رهي آهي. پاڪستاني ٻولين جا دانشور آهستي آهستي ختم ٿي رهيا آهن.

ڊاڪٽر حمزه علوي پاڪستان جي مسئلن جو حل ڏسي ٿو. ان حل تي عمل جي ڳالهه ڪري ٿو. هن جو خيال آهي ته پاڪستان ڍهڻ وقت الاهي غلطيون ٿيون. مذهبي طور، سياسي طور، سماجي طور، صوبائي ويندي آئيني ۽ قانوني طور به الاهي مسئلا ٿيا. نه ٿيڻ گهرجن ها. نئين زماني ۾ پاڪستان جي بهترين تشڪيل اڃا به ممڪن آهي. هڪ مضبوط پاڪستان مضبوط صوبن سان ئي ٺهي سگهندو. صوبن وچ ۾ گڏيل احترام، وسيلن جي انصاف ڀري ورهاست ۽ جڏهن سڀ شڪايتون ختم ٿي وينديون ته پوءِ ڪير به سنڌي بلوچ نه رهندو. سڀ پاڪستاني قوم جي پاسي ٻرانگهون پائيندا.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے