21 خميس , جون 2018

آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت بابت جاچ!:فريد ڀٽو لوئيوِل-  آمريڪا

آمريڪا جي وفاقي انصاف جي اداري پاران مقرر ڪيل اسپيشل ڪائونسل رابرٽ مُلر (Robert Mueller ) 2016 ع واري صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت ۽ ساز باز بابت جاچ ڪري رهيو آهي. جڏهن کان جاچ شروع ڪئي ويئي آهي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڪيئي ڪوڙ ڳالهايا آهن. صدر ٽرمپ جي پٽ ڊونالڊ جان ٽرمپ جونيئر روسين سان رابطن بابت ڪيئي ڀيرا ڪوڙ ڳالهايو آهي. صدر ٽرمپ جي نياڻي جيرالڊ ڪوشنر چونڊ مهم دوران سندس يا سندن چونڊ مهم جي ڪنهن به رڪن جو روسين سان رابطي متعلق ڪوڙ ڳالهايو آهي. وائيٽ هائوس جي اڳوڻي چيف سِڪيورٽي  مائيڪل فلن ته ڪوڙ پڪڙجڻ بعد معافي بدلي سڀ ڪجھ ٻڌائڻ جي درخواست ڪري چڪو آهي. آمريڪا جو اٽارني جنرل جيف سيشن ٻه ٽي ڀيرا جاچ ڪميٽين اڳيان ڪنهن به معاملي بابت لاعلمي جا بيان ڏيئي ڪوڙ ڳالهايا آهن. تازو 02 نومبر تي، چونڊ مهم ۾ صدر ٽرمپ جي پرڏيهي پاليسي جو صلاحڪار ڪارٽر پيج پنهنجو ڪوڙو بيان بدلائي سچ ٻولڻ شروع ڪيو آهي. سو سچائي اها آهي ته آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت بابت صدر ڊونالڊ ٽرمپ کان وٺي ڪارٽر پيج تائين سڀني ڪيئي ڀيرا ڪوڙ ۽ ڪوڙ ڳالهايا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ڏوھ کي پڪرڻو آهي ته پئسي جي ڏيتي ليتي پٺيان پئجي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هن معاملي ۾ اسپيشل ڪائونسل رابرٽ مُلر (Robert Mueller ) ڪيترو  اڳتي ايندي پنهنجا ذريعا ۽ مليل اختيار استعمال ڪندي معاملي جي اصل سچائي تائين پهچي ٿو.

گذريل هفتي رابرٽ مُلر (Robert Mueller ) صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ٽن چونڊ مهم جي ساٿين خلاف ڊگهي الزامن جي فهرست سان گرفتار ڪري سڀن کي حيران ڪري وڌو ۽ ھاڻي لڳي ائين ٿو ته هينئر ايف بي آءِ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر اسپيشل ڪائونسل رابرٽ مُلر جا هٿ صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي خاندان ۽ وزيرن سفيرن ۾ پوندا. انهي ڳالھه جو الڪو چڱي پرِ نه رڳو صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي، پر سندس پٽ، نياڻي ۽ ريپبلڪن پارٽي کي به آهي.

سرد جنگ کانپوءِ به آمريڪا ۽ روس جا تعلقات ڪي چڱا ۽ دوستاڻا ناهن رهيا. چونڊ مهم دوران، صدارتي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ ڪيئي ڀيرا روس ۽ روسي صدر پيوٽن جي حمايت ۾ بيان ڏنا. صدر چونڊجڻ کانپوءِ به ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي بيانن ذريعي صدر پيوٽن جي تعريف ۽ سندس پاليسين جي حمايت ڪندو رهيو آهي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو ريڪس ٽلرسن کي اسٽيٽ سيڪريٽري نامذ ڪرڻ به هڪ اشارو هو ته ٽرمپ جي حڪومت ۾ روس سان بهتر لاڳاپا رهندا. پر ائين ٿيندي اڃا ته نظر اچي ڪونه ٿو. اسان ائين ڏٺو آهي ته اڀرندڙ ملڪ پاڻ کي سياسي، معاشي ۽ سماجي طور تي مضبوط ڪندي دشمن ملڪن کي وري سياسي، معاشي ۽ سماجي طور ڪمزور ڪرڻ جون سازشون سٽين ٿا. ٿي سگھي ٿو ته ڊونالڊ ٽرمپ، صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت کانسواءِ به کٽي وڃي ها؛ پر ٿيو اهو آهي ته دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت ۽ دنيا جي سڀ کان پراڻي هلندڙ آئين واري جمهوري ملڪ آمريڪا ۾ سياسي افراتفري ۽ انتشار وڃي پيو وڌندو. جيڪڏهن روس ڊونالڊ ٽرمپ جو حامي ۽ کيس صدارتي چونڊون کٽرائڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ته هنن جا مقصد آمريڪا کي جمهوري، سياسي، معاشي ۽ سماجي طور ڪمزور ڪرڻ آهي جنهن ۾ هو ڪنهن حد تائين ڪامياب ضرور ٿيا آهن. سڀ کان وڏي ڳالھه ته آمريڪي قوم ڪيترن ئي معاملن تي ورهايل نظر اچي ٿي، عام آمريڪين جو صدارتي چونڊن جي صاف ۽ شفاف هئڻ تي ڀروسو ۽ اعتبار وڃي ٿو ختم ٿيندو. معاشي طور تي اڀرندڙ دشمن ملڪن کي اُن کان وڌيڪ ٻيو ڇا گھرجي…..!؟

ڀاڳ ڏيئي ڀيڙو ته دال مان سيرو. سنڌي جي انهيءَ مشهور چوڻيءَ موجب جيراڊ ڪوشنر جي ڀاڳ اهڙا ته ڀيڙا ڏنا آهن جو وڃي ٿيا خير. آمريڪا جي صدارتي چونڊ مهم دوران ئي اهو واضح  ٿي چڪو هو ته  ڊونالڊ ٽرمپ کي پنهنجو ناٺي جيريڊ ڪوشنر ڪيترو ويجهو آهي.  جيراڊ ڪوشنر چونڊ مهم دوران ڪيترا ئي اهم فيصلا ڪيا ۽ ڊونالڊ ٽرمپ جي ڪجھ ويجهن ساٿين کي چونڊ مهم کان الڳ ڪيائين، نه فقط ايترو پر هن ڊونالڊ ٽرمپ جي صدر چونڊڻ بعد وائيٽ هائوس جا عهديدار ۽ وزير سفير مقرر ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هونئن ته جيراڊ ڪوشنر تي به مُنڌ کان روس سان ساز باز جا الزام لڳا آهن، پر خاص طور تي گذريل ڪجھه عرصي کان هتان جا ڇاپي ۽ برقي رابطي جا ادارا اهي خبرون ڏيئي رهيا آهن ته چونڊ مهم دوران روسي مداخلت ۾ جيراڊ ڪوشنر به سهولتڪار يا ساز باز ۾ شريڪ رهيو آهي…!

02 نومبر تي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي نياڻَي ۽ سينئر صلاحڪار جيراڊ ڪوشنر جي رابرٽ ملر اسپيشل ڪائونسل جي ڪميٽي اڳيان ٻه ڪلاڪ حاضري ٿي ۽ هُن کان ڪيئي ڪاغذ پٽ ورتا ويا. جيراڊ ڪوشنر کان اڳوڻي ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر جيمس ڪومي کي ھٽائڻ ۾ سندس ڪردار بابت به ڪيئي سوال ڪيا ويا. چيو وڃي ٿو ته اسپيشل ڪائونسل رابرٽ ملر ان ڳالھه جي به جاچ ڪري رھيو آهي ته ڪٿي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چونڊن ۾ روسي مداخلت بابت هلندڙ جاچ جي ڪري جيمس ڪومي کي هٽايو ڇا؟ جيڪڏهن صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي خلاف رابرٽ ملر اهڙي ڪا ثابتي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿو وڃي ته اهو صدر خلاف انصاف ۾ فراهمي جي رڪاوٽ ( obstruction of Justice) وارو ڪيس ٺهي سگھي ٿو…!

6 نومبر تي هتان جي اخبارن ۽ رابطي جي ادارن ۾ هڪ ٻي ڌماڪيدار خبر آئي آهي جيڪا صدر ٽرمپ جي پڳدار پٽ ڊونالڊ جان ٽرمپ جونيئر متعلق آهي. خبر اها آهي ته ڪريملن ماسڪو سان واسطو رکندڙ وڪيل نتاليا ويسلنِتسڪايا (Natalia Veselnitskaya) انڪشاف ڪيو آهي ته هُن ڊونالڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم کي اها ڄاڻ ڏني هئي ته ڪلنٽن  گلوبل انيشيئيٽو ( Clinton Global Initiative) غير قانوني امداد ورتي ۽ انهن جي بچت هيلري ڪلنٽن جي چونڊ مهم کي ڏني. وڪيل نتاليا ٻڌايو ته ٽرمپ جي چونڊ مهم سان لاڳاپيل ماڻهو اُها هر ڄاڻ وٺڻ لاءِ بيقرار هئا جنهن سان هيلري ڪلنٽن جي ڪنهن به حوالي سان بدنامي ۽ خواري ٿئي. هن سلسي ۾ وڪيل نتاليا جو ٽرمپ جونيئر سان رابطو ٿيو جنهن اهڙي معلومات جي بدلي ۾ هُن کي انعام اڪرام جو آسرو ڏنو. وڪيل نتاليا بدلي ۾ اها گھر ڪئي يا توقع رکي ته آمريڪا روس خلاف ميگنِتسڪي قانون (Magnitsky Act) ختم ڪندو، جيڪو گذريل صدر باراڪ اوباما جي صدارت دوران روس خلاف منظور ڪيو ويو هو. ياد هجي ته اهو قانون سرگي ميگنِتسڪي  (Sergei Magnitsky) جي نالي ۾ روس کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي سزا ڏيڻ لاءِ منظور ڪيو ويو هو. سرگي ميگنِتسڪي ماسڪو جو مشهور وڪيل ۽ اڪائونٽنٽ هو، جنهن جو موت ماسڪو جي هڪ جيل اندر واقع ٿيو،  جنهن ماسڪو جي وڏن سرڪاري ملازمن خلاف 230 ملين ڊالرن جو چوري ۽ ٽئڪس ڦٻائڻ جو ڪيس پڪڙي ظاهر ڪيو هو. اُن قانون ماسڪو کي چيڙائي وڌو ڇاڪاڻ ته ان قانون سبب آمريڪي شهرين لاءِ روس مان ٻارن کي هنج وٺڻ تي اڻ سڌي طرح پابند به لڳي ويئي آهي. ان ساڳي قانون تحت ارڙهن روسين کي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو مجرم قرار ڏنو ويو.

09 جون 1026ع تي، ٽرمپ ٽاور نيويارڪ ۾ ٽرمپ جونيئر، جيراڊ ڪوشنر ۽ چونڊ مهم جو چيئرمين پال مينافرٽ روسي وڪيل نتاليا يسلنِتسڪايا سان گڏجاڻي ڪئي. هن گڏجاڻي کان پهرين ڪيترين ئي برقي ٽپالن جي ڏي وٺ ٿي جيڪي سڀ لکت ۾ رڪارڊ تي موجود آهن. هينئر صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ سندس ساٿين لاءِ عجيب صورتحال اها پيدا ٿي آهي ته وڪيل نتاليا رضاڪارانا اسپيشل ڪائونسل رابرٽ ملر کي پنهنجو بيان ڏيڻ لاءِ آڇ ڪئي آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هوءَ هاڻي بيان ڏيڻ جي آڇ ڇو ٿي ڪري؟ آخر هن جا پهرين ڪهڙا مقصد هئا ۽ هاڻي ڇا ٿي ڪرڻ گھري؟ مونکي ته ائين ٿو لڳي ته روس پنهنجن چالن ۾ ڪامياب ٿيندي ٽرمپ انتظاميا کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي چڪو آهي. دلچسپ صورتحال اها آهي ته ٽرمپ انتظاميا نه اڳتي ٿي وڌي سگھي نه پوئتي ٿي هٽي سگھي…!

صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي سندس ٽن ويجھن ساٿين جي گرفتارين، جن مان هڪ ضمانت تي ۽ ٻه گھر ۾ برقي پٽي ( Electronic Belt) سان نظربند آهن؛ کانپوءِ ڪارٽر پيج ( Carter Page) جي بيان ۽ شاهدي مان وڏو خطرو آهي، جيڪو رابرٽ ملر اسپيشل ڪائونسل ۽ ڪانگريس جي انٽيليجينس ڪميٽي آڏو پنهنجا بيان درج ڪرائي چڪو آهي. ڪارٽر پيج گذريل سال، ۽ ان کان پهرين ڪيئي ڀيرا روس جا دورا ڪري مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري سفارتڪارن ۽ واپارين سان ملڻ جو اعتراف ڪيو آهي. هن آخري ڀيرو روس جو دورو تڏهن ڪيو جڏهن آمريڪا ۾ صدارتي چونڊ مهم زورن تي هئي. هي همراه پنهنجن روسي دورن ۽ اُتي گڏجاڻين جا تفصيل چونڊ مهم جي چيئرمين پال مينافرٽ کي برقي ٽپالن ذريعي ٻڌائيندو رهيو هو. محسوس ائين ٿو ٿئي ته ٽرمپ جي خاندان کان علاوه پال مينافرٽ ۽ مائيڪل فلن کانپوءِ ڪارٽر پيج چونڊ مهم ڪاڻ روسين سان ساز باز ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پنهنجا پيرا ڇڏيندو آيو آهي.

اهو تمام گھٽ ڏٺو ويو آهي ڪنهن پارٽي جا چونڊيل نمائندا پنهنجي ئي پارٽي جي چونڊيل صدر مٿان اخبارن ۽ برقي رابطن جي ادارن وسيلي کلم کلا تنقيد ڪندا ھجن. صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي صدارت ۾ اهو ڄڻ معمول بڻجي چڪو ھجي! جيڪڏهن ڪو سينيٽر يا ڪانگريس جو ميمبر صدر صاحب مٿان ڪنهن مسئلي تي تنقيد ٿو ڪري، بس پوءِ صدر ٽرمپ جو هن خلاف ٽوئيٽ مٿان ٽوئيٽ آهي ۽ ڳالهه وڃي ذاتيات تي پهچي  وڃي ٿي. سڀ کان پهرين، رياست ايريزونا جي سينيٽر جان مڪين صدارتي چونڊ مهم دوران ۽ چونڊن بعد به ڊونالڊ ٽرمپ جي سياسي پاليسين تي تنقيد ڪئي، خاص طور تي هُن جي روس طرف جھڪاءَ ۽ صدر پيوٽن جي پاليسين جي حمايت کي تنقيد جو نشانو بڻايو. پوءِ ڪيترا ئي سينيٽر ۽ ڪانگريس ميمبر سامهون آيا آهن جن صدر تي کلي عام تنقيد ڪئي آهي. تازو، رياست ايريزونا جي سينيٽر جيف فليڪ سينيٽ اجلاس ۾ سياسي اخلاقيات بابت هڪ بهترين تقرير ڪندي ٻيهر سينيٽ چونڊون وڙهڻ کان هٿ کڻي ويو. هن توڙي جو صدر ٽرمپ جو نالو نه کنيو پر هن جي سموري تقرير جو نشانو صدر ٽرمپ ئي هو، ۽ صدر ٽرمپ کان صبر ڪٿي ٿو پڄي!؟ هُن سينيٽر جيف خلاف ڪيترا ئي ٽوئيٽ ڪيا. صدر کي نه پنهنجي پارٽي جو لحاظ نه اخلاقيات جو قدر، سدائين هُن کي پنهنجي مخالفن سان پاءُ پاڻي ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي. هنن ئي ڪالمن ۾ مون صدارتي چونڊ مهم دوران لکيو هو ته ڊونالڊ ٽرمپ سڀني اخلاقي، سياسي ۽ سماجي قدرن جا بکيا اُڊيري ڇڏيا آهن. هو اهڙو آهي ۽ اهڙو ئي رهندو…!!

ٻي ڳالھه:

07 نومبر تي ٻن رياستن، ورجينيا ۽ نيو جرسي ۾ گورنر جو چوندون ٿيون ۽ ٻنهي رياستن ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جا اميدوار کٽي ويا. انهن ٻنهي رياستن ۾ پنهنجن اميدوارن کي کٽائڻ لاءِ صدر ڊونالڊ ٽرمپ به ميدان ۾ لهي پيو هو ۽ چونڊ مهم جي جلسن کي خطاب ڪرڻ پهتو، پر نتيجا هن جي حق ۾ نه آيا. ان کان علاوه نيويارڪ شهر جي ميئر جي چونڊ به ٻيهر ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڊي بلاسِيو تمام وڏي اڪثريت سان کٽي آهي. 32هن سالن کانپوءِ ڪنهن ڊيموڪريٽڪ اميدوار ٻيهر نيويارڪ شهر جو ميئرشپ کٽي آهي. ڊيموڪريٽڪ پارٽي وارا وڏيون خوشيون پيا  ملهائن جو هو هنن چونڊن کي ٽرمپ خلاف ريفرينڊم قرار پيا ڏين!

[email protected]

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے