19 اربع , سيپٽمبر 2018

سعودي عرب ايران جي طاقت کان خبردار رهي: حسن روحاني

تهران (ويب ڊيسڪ): ايراني صدر حسن روحاني سعودي عرب کي خبردار ڪيو آهي ته تهران کي ڌمڪائڻ سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، گذريل ڏينهن ئي سعودي عرب ايران تي رياض حڪومت خلاف جارحيت جو الزام لڳايو هيو، وچ اوڀر ۾ ٻن وڏين حريف طاقتن ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ لفظن جي جنگ ۾ ڏينهون ڏينهن سختي وڌندي پئي وڃي، گذريل ڏينهن سعودي عرب جي شهزاده محمد بن سلمان ايران تي يمن ۾ حوثي باغين کي مدد فراهم ڪرڻ کي سعودي عرب خلاف سڌيءَ ريت جارحيت ۽ جنگ جي برابر قرار ڏنو هيو، ايران جي صدر حسن روحاني اڄ پنهنجي ردعمل ۾ سعودي حڪومت کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته اوهان اسلامي جمهوريه ايران جي طاقت ۽ مقام کي ڄاڻيو ٿا، اوهان کان وڌيڪ طاقتور ماڻهو به ايران جي عوام جو ڪجهه نه بگاڙي سگهيا، آمريڪا ۽ ان جي اتحادين اسان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Accusation of Money Laundering: Arrested in London including Amin Fahim's former Secretary of State

لنڊن: مخدوم امين فهيم جو اڳوڻو سيڪريٽري زال سميت گرفتار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي اڳوڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے