20 خميس , سيپٽمبر 2018

يورپي يونين وينزويلا خلاف پابندي مڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لنڊن (ويب ڊيسڪ): يورپي يونين وينزويلا کي هٿيارن جي وڪرو تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، يورپي يونين جي سفارتڪارن جي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ان لاطيني آمريڪي ملڪ ۾ سياسي بحران کي نظر ۾ رکندي مادورو حڪومت تي وڌيڪ پابنديون به لڳايون وڃن، ان دوران نگراني لاءِ استعمال ٿيندڙ يورپي اوزارن جي وڪرو به روڪڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته انهن تجويزن تي باقاعده فيصلو ايندڙ هفتي سومر ڏهاڙي يورپي يونين جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ

 نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڇهين ڏينهن به اضافو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے