19 اڱارو , جون 2018

سعودي عرب تي حملن لاءِ حوثي باغين کي ايران ميزائل فراهم پيو ڪري: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ديسڪ): آمريڪا ايران تي الزام لڳايو آهي ته اهو سعودي عرب تي حملن لاءِ يمن ۾ حوثي باغين کي ميزائل فراهم ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن ۾ آمريڪي عورت نمائنده نڪي هيلي هڪ اجلاس ۾ چيو ته جولاءِ ۾ حوثي باغين يمن مان سعودي عرب تي ميزائلن سان حملو ڪيو هيو ۽ اهي ميزائل ايران ڏنا هيا، سعودي عرب جيڪي معلومات فراهم ڪئي آهي، ان موجب حوثي باغين جيڪو ايراني ميزائل هلايا هيا، انهن جو نالو ”قيام“ هيو، اهو ميزائل يمن ۾ ڇڪتاڻ کان اڳ موجود نه هيو، جڏهن ته گذريل هفتي سعودي عرب حملي لاءِ استعمال ٿيل ميزائل به ايراني سخت جو لڳي ٿو، آمريڪا جو چوڻ آهي ته ايران حوثي باغين کي مدد فراهم ڪري سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري گڏيل قومون ايران کي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جو پابند ڪن، ٻئي طرف سعودي ويب سائيٽ العربيه ايران جي خابرو ايجنسي تسنيم جو حوالو ڏيندي ايران جي صدر روحاني جي هڪ بيان جو حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ هن سواليه انداز ۾ چيو آهي ته يمني عوام کي پنهنجي ملڪ تي بمباري جي ردعمل ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي، ڇا انهن کي پنهنجا ئي هٿيار استعمال ڪرڻ جي اجازت ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت والاريل ڪشمير ۾ جڙتو جنگبندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي گهرو وزير راج ناٿ سنگهه والاريل ڪشمير ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے