25 سومر , جون 2018

چيني پوليس جي ڪارروائي، 5 عالمي اسمگلر سوگها

بيجنگ (ويب ڊيسڪ): ڏکڻ اولهه چيني صوبي ينان جي پوليس منشيات اسمگل ڪندڙ عالمي گروهه خلاف ڪارروائي ڪندي 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري قبضي مان 54 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري ورتي آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس کي اطلاع مليو ته اسمگلرن جو هڪ عالمي گروهه ميانمار مان منشيات چين ۾ اسمگل ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي، جاچ مان خبر پئي ته جوابدار ٻنهي طرفن کان منشيات اسمگل ڪندا هئا، هلندڙ مهيني پوليس کي ٻيهر اطلاع مليو ته ڪنمنگ ۾ شڪي ماڻهو منشيات سان گڏ موجود آهن ۽ اهي اها منشيات هوبي صوبي جي شهر زيان تائو منتقل ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري پوليس ايڪسپريس وي تي هڪ گئس اسٽيشن تي ناڪو لڳايو، جتان انهن کي منشيات جا 92 پيڪيٽ مليا ۽ 5 جوابدارن کي واقعي واري هنڌ تان گرفتار ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب ۾ عورتن جي ڊرائيونگ تي پابندي ختم

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب ۾ عورتن جي ڊرائيونگ تي پابندي ختم ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے