19 اتوار , نومبر 2017

جيڪڏهن وارَن کي صحتمند رکڻ چاهيو ٿا ته پوءِ هنن ڪمن کان پاسو ڪيو…!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مرد هجي يا عورت، ٻئي پنهنجي وارن جي معاملي ۾ ڏاڍا حساس هوندا آهن ۽ سدائين ان پريشاني ۾ ورتل هوندا آهن ته ڪٿي سندن وارن کي نقصان نه پهچي، جنهن کان بچڻ لاءِ اهي مختلف جتن به ڪندا آهن پر اسان توهان کي ٻڌائي رهيا آهيون ڪجهه اهڙا نسخا، جن تي عمل ڪري توهان پنهنجي وارن کي صحتمند رکي سگهو ٿا، ان لاءِ توهان کي ڪرڻو پوندو ڪجهه عملن کان پاسو.

1: وارَن کي ٽوال سان خشڪ نه ڪيو:

ونهجڻ کانپوءِ گهڻي قدر ماڻهو ٽوال سان پنهنجي وارن کي خشڪ ڪندا آهن پر اهو بلڪل غلط آهي، ان سان وارَ تيز رفتار سان ٽُٽندا آهن، جڏهن ته وهنجڻ کانپوءِ تڪڙ ۾ وارَن کي ڦڻي ڏيڻ کان به پاسو ڪيو، ان سان به وارَ ٽُٽندا آهن.

2: وارَن کي گهڻو نه ڌوئو:

ملازمت ڪندڙ ماڻهو عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي وارَن کي وڌيڪ ڌوئيندا آهن، ڇو ته مٽي ۽ ڌوڙ جي ڪري سندن وارَ گهڻا خراب ٿيندا آهن پر انهن کي پنهنجا وارَ گهڻو وقت ڌوئڻ بدران رات جو سمهڻ کان اڳ تيل استعمال ڪرڻ گهرجي.

3: وارَ وڏا ٿيڻ کانپوءِ ڪَٽرايو:

ماهرن موجب ڪجهه ماڻهن جا وار سنهڙا هوندا آهن، جيڪي گهٽ رفتار سان وڌندا آهن، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جا وار ٿُلها هوندا آهن، جن جي وڌڻ جي رفتار تيز هوندي آهي پر وارَ ان وقت ڪٽرائڻ گهرجن، جنهن وقت اهي چڱا وڏا ٿي وڃن، ننڍا وارَ ڪٽرائڻ سان انهن جي صحت کي نقصان ٿي سگهي ٿو.

4: وارَن تي ڪيميڪل واريون شيون استعمال نه ڪيو:

اڄڪلهه عورتن کان وڌيڪ مرد، خاص طور تي نوجوان طبقو وارَن جي اسٽالنگ جي معاملي ۾ گهڻو حساس نظر اچي رهيو آهي. نوجوان پنهنجي وارن کي اسٽائلش رکڻ لاءِ جيل يا هيئر اسپري وغيرا جو گهڻو استعمال ڪندا آهن، جيڪي وارن کي تباهه ڪري ڇڏين ٿيون، تنهن ڪري انهن جي استعمال کان به پاسو ڪيو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا توهان به ڀورا ٿيڻ چاهيو ٿا، جيڪڏهن ها ته پوءِ هي گهريلو نسخا آزمايو…

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): اڄ جي دور ۾ هر انسان جي خواهش هوندي آهي ته هو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے