19 اربع , سيپٽمبر 2018

چين ٻيٽ ٺاهيندڙ جهاز متعارف ڪرائي ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ): چين هڪ نئون جهاز متعارف ڪرايو آهي، جيڪو اهڙي قسم جا ٻيٽ ٻنائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪي چين ڏکڻ چائنا سمنڊ ۾ بڻايا آهن، پرڏيهي ميڊيا موجب ان سامونڊي جهاز جو نالو ٽيان ڪن هائو آهي، جنهن کي چيني روايتن ۾ هڪ ”ديوهيڪل مڇي“ سمجهيو ويندو آهي، جيڪا هڪ پکي ۾ به تبديل ٿي ويندي آهي، ان سامونڊي جهاز جي ڊيگهه 140 ميٽر آهي ۽ چين ۾ پنهنجي نوعيت جو سڀ کان وڏو جهاز آهي، اهو چين جي سمنڊ جي صفائي ڪندڙ ٻين جهازن کان ڪيترو ئي طاقتور آهي ۽ اهو 6 هزار ڪيوبڪ ميٽر جي اونهائي تائين کوٽائي ڪري سگهي ٿو، جيڪا 3 اولمپڪ سوئمنگ پول جي برابر آهي، اهو جهاز سمنڊ جي تري مان واري، مٽي ۽ سامونڊي ٻوٽن کي ٻاهر ڪڍي ان کي 15 ڪلوميٽر پر زمين تائين پهچائيندو آهي، واضح رهي ته ان قسم جي جهاز 2013 ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ چيني ٻيٽن کي بڻائڻ ۾ استعمال يٿا هئا، جڏهن ته اهي سائيز ۾ ٽيان ڪن هائو کان ننڍا هيا، ٻئي طرف چين تي ان کان اڳ الزام لڳايو ويو آهي ته ان ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ هٿرادو ٻيٽ ان لاءِ بڻايا آهن ته اهو انهن تڪراري پاڻين تي پنهنجو اثر رسوخ وڌائي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل ئي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے