25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

”ايپل“ جي اثاثن جي ماليت 1000 ارب  ڊالر تائين پهچي وئي

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)ٽيڪنالوجي جي دنيا جي مشهور ڪمپني ”ايپل“ جي اثاثن جي ماليت 1000 ارب ڊالر(10 لک 6 هزار ارب پاڪستاني رپيا)جي ويجهو وڃي پهچي آهي. مشهور سيلولر ۽ ڪمپيوٽر”ايپل“ جي اثاثن جي ماليت 1000 ارب ڊالر جي ويجهو ٿي وئي آهي. هلندڙ سال جي ٽي مهيني ۾ ڪمپني اميد ڪئي هئي ته ايپل جو نئو موبائل فون”آئي فون ايڪس“ مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پوءِ اثاثن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي پر هاڻي گهٽتائي ته نه پر ڪمپني جي اثاثن ۾ حيرت انگيز طور تي اضافو ڏٺو ويو آهي.  اپيل ڪمپني جي هڪ حصي جي ماليت 3.7 سيڪڙو اضافي کان پوءِ  وڌي 174.26 ڊالر ٿي وئي آهي. مارڪيٽ جي سرمايا ڪري ۾ اضافو تقريبن 32 ارب ڊالر آهي. ۽ ڪمپني جي اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ آئي فون جي ايڪس جي وڪرو ۾ تيزي ٿي سگهي ٿي ڇو ته ڪمپني جو چوڻ آهي ته 2017 ۾ آئي فون ايڪس جي مجموعي طور تي 3 ڪروڙ سيٽس تيار ڪيا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پکين جي طرح پرواز سکڻ وارو روبوٽ گلائيڊر

سان ڊياگو(ويب ڊيسڪ) پکين جي پرواز اسان لاءِ 21 صدي ۾ به هڪ مثال بڻيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے