19 اتوار , نومبر 2017

بلڊ پريشر ڪنٽرول ڪرڻ جا 7 گهريلو طريقا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)بلد پريشر ۾ مبتلا ماڻهو مهانگي علاج جي سبب ذهني طور تي سدائين پريشاني جو شڪار هوندا آهن. هاڻي ماهرن ان مسئلي جو حل ڳولهي ورتو آهي.  جڏهن ته ماهرن بلد پريشر کي قابو ۾ رکڻ لاءِ گهريلو طريقا تجويز ڪيا آهن جيڪي بلد پريشر کي ڪنٽرول ۾ رکي سگهن ٿا. جڏهن ته 7 گهريلو طريقن سان بلڊ پريشر جي مرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

ڪيلو: هائي بلڊ پريشر جا مريض جيڪڏهن روزانو هڪ يا ٻه ڪيلا کائن ته ان سان هي مرض قابو ۾ رهندو آهي، ڇو ته ڪيلو غذائي اجزا ۽ پوٽيشم سان ڀرپور هوندو آهي جيڪو اسان جي جسم 10 سيڪڙو کان وڌيڪ سوڊيم(نمڪيات) جي اثرن جو گهٽ ڪري سگهي ٿو ۽ گردن جي حفاظت ۾ به ڪردار ادا ڪندي آهي.

ڪارا مرچ:ڪارن مرچن ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ ۽ اينٽي سيپٽڪ خوبيون  هونديون آهي جنهن جو روزمرهه زندگي ۾استعمال  سان رت جون شريانيون کلنديون آهن جنهن سان رت جي رواني پوري جسم تائين رسائي حاصل هوندي آهي. سب کان وڌيڪ اهو ته بلد پرريشر جي شرح قدرتي طور تي گهٽ سطح تائين آڻڻ ۾ مددگار هوندو آهي.

بصر: روزانو بصر جو استعمال ڪرڻ دوائون استعمال ڪرڻ واري جي مقابلي ۾ بهتر هوندو آهي ڇو ته بصر اينٽي آڪسيڊنٽ مادن سان ڀرپور هوندو آهي. جيڪو ذيابطيس ۽ ڪينسر جهڙي بيماريون سان وڙهڙن ۾ به انساني جسم کي مدد فراهم ڪندو آهي.

ماکي:2 هفتن تائين رات جو سمهڻ کان پهريان هڪ گلاس نيم گرم کير ۾ 2 چمچ ماکي ملائي پيئڻ سان بلڊ پريشر جهڙي بيماري کان بچي سگهجي ٿو.

ميٿي: ميٿي سردين   جي اها ڀاڄي آهي جنهن  ۾ Vatamin A,B,C))، آئرن ، فاس فورس ۽ ڪيلشم جو وڏو مقدار ڏٺو ويندو آهي. ۽ ميٿي جي داڻن ۾ موجود پوٽيشيم بلڊ پريشر کي وڌڻ کان روڪيندي آهي.

ٿوم: روزانو ٿوم کائڻ سان بلد پريشر  کي ڪنٽرول ۾ رڱي سگهجي ٿو.

ليمو: ليمو جسم ۾ موجود شريانون کي نه صرف سخت ٿيڻ کان بچائيندو آهي پر رت جي رواني کي به گهٽ ڪندو آهي ڇو ته ليمي ۾ موجود وٽامن سي فري ريڊيڪلز جي نقصان ڪار اثرن کان بچائيندو آهي ۽ ليمو اينٽي آڪسيڊينٽ ٿيڻ جي سبب رت جي شرياني کي نرم ۽ لچڪ دار ڪندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هوائي گدلاڻ هڏين جي ڪمزوري ۽ موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي:ماهر

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته هوائي گدلاڻ ساهه، دل ۽ ٻين بيمارين جو سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے