23 ڇنڇر , جون 2018

جنسي هراسان ڪندڙن کي احساس ڏيارڻ گهرجي: ريچا چڍا

ممبئي(شوبز نيوز) عورتن کي جنسي هراسان ڪرڻ جا واقعا صرف هالي ووڊ انڊسٽري تائين ئي محدود ناهين بلڪ بالي ووڊ انڊسٽري ۾ به گهڻيون ئي عورتون ان جو نشانو بڻجي چڪيون آهن. بالي ووڊ اداڪار عرفان خان ۽ ريچا چڍا ان ناخوشگوار واقعن خلاف ڏينهون ڏينهن وڌ کان وڌ آواز اٿاري رهيا آهن ان حوالي سان ريچا چڍا جو چوڻ آهي ته جنسي هراسان ڪندڙن کي احساس ڏيارڻ گهرجي ۽ انهن کي شرمندو ڪرڻ گهرجي. هاڻي وديا بالن به ان مسئلي خلاف ڳالهائيندي نظر اچي رهي آهي. انڊين ايڪسپريس رپورٽ مطابق باليو وڊ اداڪارا وديا بالن پنهنجي ايندڙ فلم ”تمهاري سلو“ جي پروموشنز دوران عورتن کي جنسيه راسان ڪرڻ خلاف گهڻو ڳالهائي رهي آهي. وديا بالن مطابق مثبت ڳالهه اها آهي ته وڌ کان وڌ عورتون پنهنجو تجربو شيئر ڪري رهيون آهن ۽ ٻين عورتن جي به حوصلا افزائي ڪري رهيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ali Zafar's movie "Taifa in Turbal" will be released on Sunday

علي ظفر جي فلم” طيفا ان ٽربل“ جي آئٽم نمبر جي ويڊيو اڄ ريليز ٿيندي

لاهور(شوبز نيوز) علي ظفر ۽ مايا علي جي فلم”طيفا ان ٽربل“ جو آئٽم نمبر  ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے