20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

ڏاڙهونءَ جا اهي فائدا، جن بابت توهان اڻڄاڻ آهيو…

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۽ پاڪستان واري ڏاڙهونءَ جو مثال ڪٿي به ناهي ملندو ۽ هن وقت ڏاڙهوءَ جي مند آهي، جنهن کي پسنديدا ميون مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. ڏاڙهو بابت حضرٽ امام جعفر صادق عليه سلام فرمايو آهي ته ”ڏاڙهونءَ ۾ موجود هڪڙو داڻو اهڙو هوندو، جيڪو انسان کي جنت ڏانهن وٺي ويندو آهي ۽ ان ۾ شفا موجود آهي“. ڏاڙهون مڪمل غذا سان ڀريل هوندو آهي، جنهن ۾ فائبر، پروٽين، وٽامن ۽ پوٽاشيم وڏي مقدار ۾ هوندو آهي. اهو دل ۽ دماغ کي فرحت بخشڻ سان گڏوگڏ رت جي گھٽتائي ختم ڪرڻ لاءِ بهترين ذريعو آهي. اهو نه رڳو خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪري ٿو پر معدي ۽ جگر جي خرابي به ختم ڪري ٿو. ڏاڙهون مختلف بيمارين ذريعي رت ضايع ٿيڻ سان پيدا ٿيندڙ ڪمزوري کي فوري طور ڀڄائي قوت بحال ڪندو آهي، ان کانسواءِ مليريا، ڊينگي، بخار ۽ رت جي ڪينسر جهڙن مرضن ۾ به فائدو پهچائي ٿو. ڏاڙهون کائڻ سان چهري تان چُٽا ۽ جسم مان پاڻي جي کوٽ پڻ ختم ٿي ويندي آهي. اهو ٿولهه کي به پري ڪندو آهي ۽ ڪيلوريز کي ڪنٽرول ۾ رکندو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

توهان جي معمولي غلطي توهان جي موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي: ماهر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ماهرن چيو آهي کاڌو آرام سان ۽ آهستي چٻاڙي کائڻ  سان ٿولهه سان گڏوگڏ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے