19 اتوار , نومبر 2017

ڇا اوهان وارن ڇڻڻ مان پريشان آهيو، جي ها ته پوءِ….

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): انساني زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙا مسئلا به هوندا آهن، جن سبب انسان جي خوبصورتي هلي ويندي آهي، جن مان هڪ وارن جو ڪرڻ به آهي، وارن جو ڪرڻ انسان جي خوبصورتي سان گڏ ان جي اعتماد تي به اثرانداز ٿيندو آهي، ماهرن موجب وارن جي ڪرڻ جو سبب پاڻي جي گھٽتائي، وهنجڻ وقت شيمپو جو نه نڪرڻ، خراب پاڻي جو استعمال، گھري سوچ، پريشاني ڊپريشن، ڪمزوري ۽ رات جو جاڳڻ به آهي. آخر ان جو علاج ڇا آهي؟؟ پريشان ڇو ٿيا آهيو حاضر آهي اوهان جي مسئلي جو حل:

ناريل جو تيل، چنبيلي جو تيل، سرنهن جو تيل، ترن جو تيل، تارا مارا جو تيل، آملا جو تيل هڪ جيتري وزن ۾ وٺي سڀني تيلن کي مڪس ڪيو ۽ ان جو استعمال ڏينهن ۾ ٻه دفعا ڪيو.

فائدا: ڪرندڙ وارن لاءِ تمام گھڻو فائدي مند آهي، جن ماڻهن جا وار ڪرندي ڪرندي ٺوڙهه ٿي وئي آهي انهن لاءِ به تمام گھڻو فائدي مند آهي، مسلسل 3 مهينن تائين ان جو استعمال ڪيو ۽ ان جا فائدا پاڻ به ڏسو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بريسٽ ڪينسر جي علاج باوجود عورتن کي ٻيهر ڪينسر ٿيڻ جو خطرو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڇاتيءَ جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿيندڙ عورتن کي علاج کانپوءِ به اهو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے