20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

تيز مصالحي وارا کاڌا کائي بلڊ پريشر کان بچي سگهجي ٿو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان بلڊ پريشر جهڙي خاموش قاتل کان بچڻ چاهيو ٿا ته وڌيڪ مصالحي وارين غذائن جو استعمال عادت بڻائي ڇڏيو، اها دعويٰ چين ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي. ٿرڊ ملٽري ميڊيڪل يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو مرچ مصالحا کائڻ پسند ڪندا آهن، اهي لوڻ گهٽ استعمال ڪندا آهن، ڇو ته اها غذا دماغ کي ان جو استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو وڌيڪ مصالحي واريون غذائون بلڊ پريشر ۾ گهٽتائي آڻينديون آهن، جنهن سان اڌ رنگ، دل جي دوري ۽ ٻين خطرناڪ مرضن جو خطرو به گهٽجي ويندو آهي. بلڊ پريشر اهڙو مرض آهي، جيڪو گهڻن ماڻهن کي هوندو آهي پر انهن کي علم ناهي ٿي سگهندو، ڇو ته ان جون علامتون اڪثر سامهون ناهن اينديون. چيني تحقيق ۾ 606 بالغ ماڻهن جي غذائي عادتن ۽ ترجيحن جو جائزو ورتو ويو ۽ کين بلڊ پريشر ٿيڻ جا اثر ڏٺا ويا. نتيجن مان خبر پئي ته جيڪي ماڻهو وڌيڪ مصالحي واريون غذائون پسند ناهن ڪندا، انهن کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بلڊ پريشر ٿيندو آهي. تحقيق ڪندڙ موجب وڌيڪ مرچ مصالحا کائيندڙ ماڻهو لوڻ جو استعمال گهٽ ڪندا آهن، جنهن جو سبب دماغ ۾ ايندڙ تبديليون آهن. سندس چوڻ هو ته وڌيڪ مرچن وارن کاڌن سان دماغ جي ٻن حصن ۾ سرگرميون گهٽجي وينديون آهن، جيڪي نمڪين شين جي طلب وڌائينديون آهن، جيڪڏهن کاڌي ۾ مرچن جو وڌيڪ استعمال ڪيو وڃي ته ان جو ذائقو گهڻي لوڻ کانسواءِ به بهتر بڻائي سگهجي ٿو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

توهان جي معمولي غلطي توهان جي موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي: ماهر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ماهرن چيو آهي کاڌو آرام سان ۽ آهستي چٻاڙي کائڻ  سان ٿولهه سان گڏوگڏ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے