25 سومر , جون 2018

ڪتاب اسانجا دوست آهن:(حسن صوفاڻي /وقار احمد راهمون)

آتش پنهيار جو شاعراڻو ڪتاب

گلابي شفق ڏي پکيئڙا اڏاڻا

دنيا ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو رهن ٿا، هڪڙا دولت ڌن گڏ ڪرڻ وارا، ٻيا ڌن دولت جي پرواهه ڪونه ڪن، ٽيان ٻنهي سببن جي ٽياس تي ٽنگيل، اهي ماڻهو سماج جا جنرل ماڻهو سڏائين ٿا، انهن جنرل ماڻهن جي هن ڊڪ ڊوڙ واري سوسائٽي ۾ وري جينئس ذهن وارا ٿورائي ۾ ضرور آهن، پر انهن جي سوچ آفاقي هوندي آهي. اهي سموري سماج کان مختلف هوندا آهن، اهي امن پسند ٿين ٿا، پيار پرست ٿين ٿا، سماج جي سٺي  جوڙ جڪ چاهين ٿا. برائين کان پاڪ معاشرو ڏسڻ گهرن ٿا، اهي آهن، تخليقڪار، اسان جو خوبصورت شاعر  دوست آتش پنهيار اهڙن ڳوڙهي ادارڪ رکندڙ ماڻهن مان هڪ آهي.

شخصي ادارڪ جي تورتڪ آتش جي شعرن مان نمايان آهي، هونئن به مزاجن آتش  هڪ فقير صفت ماڻهو آهي، هن جو رڳو شاعر ٿي پوڻ مقصد ناهي پر شعور جي پوڻ مقصد آهي. هن ڪراچي جي سچل ڳوٺ جي سنڌي وسنديءَ ۾ ” ادب جي تحريڪ“ جي مڙسيءَ سان  لاٽ ٻاري ادب جي واڌ ويجهه لاءِ حد کان وڌيڪ ادبي پروگرام ڪرايا ۽ هڪڙو ماحول جوڙيو هو پرو اڳتي هلي آتش کي سنڌي ادبي مرڪز مان اهڙي موٽ نه ملڻ تي ڪافي مايوسي ملي، سندس هي شعر انهيءَ ڳالهه تي ٺهڪي ٿو.

” آتش“  پنهنجي پيار جو ڏيئڙو

تيز هوائن ڇو وسمايو؟

هن سچل ۾ جيڪا جوت جلائي سا هاڻي پروگرامن جي صورت ۾ ته ڪانهي پر سندس جوت اها شعوري، فڪري، قومي، ادبي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پنهنجي ڀرپور جاءِ ٺاهيو بيٺي آهي.سندس  هي شعري مجموعو ” جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا“ ” لطيف سچل ادبي سٿ اڪيڊمي ڪراچي “ پاران پڌرو ٿيو آهي، جنهن جو مهاڳ نواز خان زنئور ، ٻه اکر ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ بيڪ ٽائٽل عبدالغفار  تبسم لکيو آهي.

هي ڪتاب 178 صفحن تي مشتمل پنهنجي رنگين سونهن بڻجي اسان جي هٿن ۾آهي، جنهن ۾ غزلن، نظمن، ڪافين، بيتن، واين ۽ هائيڪن سان گڏ سنڌ جي وڏين  شخصيتن شهيد بينظير ڀٽو، عبدالستار ايڌي، سنڌي جي اعليٰ پائي جي جينئس ليکڪ علي بابا کي ڀيٽا هڪ نئين انداز ۾ ڏني آهي، جنهن کي هڪ تعزيتن جي صنف نالي پيش ڪئي آهي ۽ آتش ان تعزيتي صنف ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ شهيد ٿي ويل سنڌي ادب جي شاگردياڻي نائلا رند لاءِ هڪ تاريخي نظم ۾ ڀيٽا ڏيئي درد ۽ غم سان گڏ هن درد وندي سماج جي ضمير کي به سجاڳ ڪيو آهي. نائلا رند جي حوالي سان آتش چوي ٿو:

شهر جانا ۾ رڳو وحشت ٿي پاليئي،

مادر علمي سنڌ کي ڇو باهه ۾ ساڙيئي ؟

ڇو تو، ڏني علم کي وري وري ڦاهي؟؟

هي ڪيڏي ميار ۽ ڏک ۽ احساس ڀريو ۽ رت روئيندڙ اکين جو الميو آتش لفظن ۾ اوتيو آهي. سندس نثري نظم  به ڏاڍا سندر  سڀاءُ  رکندڙ آهن. هن جي ڪوتا رومانوي زاويي ۾ته اچي ئي اچي ٿي پر انهن کان وڌيڪ سنجيدهه موضوعن، عالمي امن، قومي اشوز تي مشتمل پڻ ڪافي نظم آهن.

آتش زماني جي مذمت سان گڏ مرشد لطيف جو فڪر، اميدن دعائن وارو پيغام سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. جيئن ته آتش پنهيار پنهنجي نجي حوالي سان انجنيئر آهي، اهڙيءَ ريت شاعري جي خيال کي سٺو انجنيئر ٿيڻ جي جفاڪشي رکي ٿو. آتش پنهيار لاءِ سدائين اتساهه آهي. اسان جي دعا آهي ته آتش پنهيار سنڌي ادب کي اڃان به سٺا ڪتاب ڏيندو رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے