21 ہفتہ , اپریل 2018

ڪٿي مسافرن جي بيٺي ئي جهاز هلڻ نه چالو ڪري!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

آءٌ اوساڪا، جاپان وڃڻ لاءِ پنهنجي ٻارڙن کان موڪلائي’سها انٽرنيشنل ايئرپورٽ‘، ممبئي ۾ ’ٿائي ايئرويز‘ جي ڪائونٽر تان بورڊنگ پاس ٺاهرائي. هنن مون کي ٻه بورڊنگ پاس ڏنيون. هڪ ممبئيءَ کان بينگڪاڪ ۽ ٻين بينگڪاڪ کان اوساڪا. بورڊنگ پاس وٺي آءٌ اميگريشن ۽ سيڪيورٽيءَ تان ٿيندو پنهنجي مخصوص ايرو برج گيٽ وٽ اچي ويهي رهيس. 11:30 بجي رات جي فلائيٽ لاءِ اسان کي اڌ ڪلاڪ اڳ ئي ايئرڪرافٽ ۾ اندر موڪليو ويو.’ٿائي ايئرويز‘ جو اسٽاف بيحد خوش مزاج ۽ ملنسار هئو.

540-مسافرن واري ايئرڪرافٽ کي ٽيڪ-آف  ڪندي ڪجهه ليٽ ٿي ويئي ۽ 11:53 بجه ٿيا هئا، جو اسين ممبئيءَ جي ڌرتيءَ کان الڳ ٿيندي هوائن ۾ پرواز ڪرڻ شروع ڪيو. وري به شڪر آهي جو اڃا تائين 15- آگسٽ ئي هلي رهيو هئو ۽ صرف  ست منٽ پوءِ تاريخ بدلجڻي هئي. اندر مسافرن ۾ ڀارتيه ٽائيپ ماڻهو ڏاڍا گهٽ پئي نظر آيا ۽ اسڪرين تي انائونسمينٽ به ٿائي ٻوليءَ ۾ ئي ٿي رهي هئي. رکي رکي ڪنهن مهل اوچتو مهرباني ڪري رهيا هئا، ته ٿوري انگلش به ٻڌڻ ۾ پئي آئي.

سُورن ڀومي ايئرپورٽ، بينگڪاڪ بيحد خوبصورت هئو. ايئرڪرافٽ مان نڪري ايئرو برج ذريعي ٽرمينل بلڊنگ ۾ داخل ٿياسين. ٿائي ايئر ويز جو اسٽاف اڳيان ويندڙ مسافرن جي راهنمائي ڪندي کين پنهنجي پنهنجي گيٽ ڏانهن موڪلي رهيو هئو. هڪ عورت اهڙي تختي کنيو بيٺي هئي؛ پر ان ۾ منهنجي اوساڪا فلائيٽ جو ڪو ذڪر ئي ڪونه هئو. ٻڌايو ويو ته ان فلائيٽ ۾ اڃا پنج ڪلاڪ پيا آهن، ان لاءِ مونکي في الحال مٿي وڃي ڪٿي آرام ڪري پوءِ مانيٽر تي وابسته گيٽ نمبر ڏسي اوڏانهن وڃڻو پوندو.

تڏهن مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو سورن ڀومي ايئرپورٽ جي عمارت کي ڏٺو هئو جنهن لاءِ وڌ ۾ وڌ ايئرڪرافٽ کي ايرو برج سان لڳائڻ لاءِ هڪٻئي کي چيريندڙ ڪراس نما بلڊنگ ٺاهي ويئي هئي ۽ هڪ هڪ سيڪشن ۾ اڳيان پٺيان يعني ايئرڪرافٽ ۾ بورڊنگ ڪرڻ لاءِ الڳ الڳ 8- رستا هئا؛ جتان مختلف مسافر پنهنجي پنهنجي مخصوص گيٽ تان بورڊنگ ڪري پئي سگهيا.

آءٌ مٿي فرسٽ فلور تي وڃي ئي رهيو هوس؛ جو ڏاڪڻ جي ڀر ۾ لڳايل مانيٽر تي منهنجي فلائيٽ لاءِ ’گيٽ نمبر 7-C ‘ لڳي چڪو هئو. ايسڪيليٽر تي چڙهي مٿي آيس ته هڪ ننڍڙي ڊيوٽي فري شاپس جي مارڪيٽ هئي؛ جتي ان مهل اڌ رات جو به دوڪان کليا ئي پيا هئا. مون کي سيءُ ٿي رهيو هئو ۽ ڪجهه نڊاکڙو به هوس؛ سو ڪنهن به قسم جي رسڪ نه کڻندي آءٌ پنهنجي وابسته گيٽ  ‘7-C’ وٽ  پهتس ته اُتي هيٺ وڃڻ لاءِ ننڍڙو ڦاٽڪ ئي بند پيو هئو.

مون ڦاٽڪ ڀرسان لڳايل سنڌين ڪرسين تي بوٽ لاهي ڊگهو ٿي سمهڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پر ٻيلي ٿڌ ايڏي هئي جو نه ويهي پئي سگهيس ۽ نه سمهي پئي سگهيس. ٻيو ڪو چارو نه ڏسي صرف پاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻو هئو. آهسته آهسته ٻيا به مسافر ايندا ويا ۽ ڪانه ڪا جاءِ وٺندي ڪي ويٺا رهيا ته ڪي سمهي به پيا!

6:30 بجي گيٽ وارو ڦاٽڪ کوليو ويو ته مسافرن جي چرپر تي مون کي به جاڳ ٿي. آءٌ ڦاٽڪ ٽپي هڪ منزل هيٺ لهي ويس؛ جتي ’ٿاءِ ايئرويز‘ جي اسٽاف منهنجي بورڊنگ پاس ڏسي اڌ ڦاڙي پاڻ وٽ رکي ۽ اڌ ڪائونٽر فوائل مون کي ڏيندي اُتي ئي لائونج ۾ انتظار ڪرڻ لاءِ چيو. ٿوري بک لڳي رهي هئي، ته مون پنهنجي هينڊ بيگ مان بريڊ بٽر ڪڍي حال في الحال ته ناشتو ڪري ئي ڇڏيو. پوءِ ته آءٌ پنهنجي لکڻ پڙهڻ جي ڪم کي لڳي ويس. ٿوري دير ۾ جو ڪنڌ کڻي مٿي ڏسان، ته مار! پورو لائونج مسافرن سان سٿيو پيو هئو!

ايئرڪرافٽ ۾ اندر وڃڻ لاءِ 7:30 بجي سڏ ٿيو. مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته 11:00 جي فلائيٽ لاءِ ايڏو اڳواٽ ڪيئن اندر بورڊنگ ڪرائي رهيا آهن. پهريون سڏ سيٽ نمبر جي حساب سان اسان کي ئي ٿيو. آءٌ ته گيٽ جي ڀر ۾ ويٺو هوس؛ سو ايرو برج مان ٿيندو ايئرڪرافٽ ۾ اندر داخل ٿيس ته دل خوش ٿي ويئي.

ايئرڪرافٽ جو اهو بزنس ڪلاس وارو حصو ڏاڍو خوبصورت ٺاهيل هئو. ڪنهن ريسٽارنٽ نما وچ وچ تي هڪ ٽيبل جي چوگرد پاسن کان ڪجهه بيحد آرامده ڪرسيون لڳايل هيون. ايتري قدر جو هر هڪ مسافر کي ٽنگون ڊگهيڙڻ لاءِ جدا  هڪ هڪ اسٽول پڻ مهيا ڪرايل هئو.

بزنس ڪلاس ٽپندي ايڪانامي واري حصي ۾ آيس، ته اُتي مڙيو ئي حال ساڳيو هئو. ايئرهوسٽس منهنجي بورڊنگ پاس ڏسي بيحد ادب وچان پنهنجي مخصوص جاءِ تي ويهڻ لاءِ چيو. آءٌ وڃي ونڊو سيٽ تي ويٺس ۽ ٻيا مسافر به پنهنجي پنهنجي جاين تي ويهندا ويا. پر ٻيلي مون کي کٽڪو لڳو ئي رهيو، ته 11:00 بجي ٽيڪ-آف ڪرڻ لاءِ هينئر ڇو سڀني مسافرن کي اندر موڪليو ويو آهي. ان لاءِ مون وري به پڪ ڪندي ايئرهوسٽس کان پڇيو:

”هيءُ جهاز اوساڪا وڃي رهيو آهي نه!“

”نه! هيءُ ته ٽوڪيو وڃي رهيو آهي!“ ايئرهوسٽس حيرت وچان جواب ڏنو!

’ٽوڪيو‘ لفظ ٻڌندي ئي مون يڪدم پنهنجي سيٽ  تان اٿندي پٺيان پير ڪيا. پوءِ ته  ائين تڪڙو تڪڙو اڳيان وڌندو رهيس ڄڻ ڀوءُ  هجي ته ڪٿي مسافرن جي بيٺي ئي جهاز هلڻ نه چالوُ ڪري! منهنجي تڪڙ ڪرڻ تي ايئرلائين جي هڪ اسٽاف ميمبر مون کان پٺيان موٽڻ جو سبب پڇيو ۽ جڏهن کيس خبر پيئي ته همراه کي مسافري ئي ’ٽوڪيو‘ بدران ’اوساڪا‘ ڪرڻي آهي ته هينئر وري هن پڪ ڪرڻ لاءِ منهنجي بورڊنگ پاس ڏسي ٿورو مسڪرائيندي مون کي رستو ڏنو، ته بابا! ڀڄ! ڪٿي هندوستاني فلم ’سنگهه از ڪنگ‘ وانگر آءٌ به اڪشيه ۽ اوم پريءَ جيان آسٽريليا بدران ايجپٽ نه پهچي وڃان!

ايرو برج کان ٻاهر نڪري لائونج ۾ آيس ته رسيپشن تي ايئرلائينس جون ڇوڪريون اڳ ئي منجهيون پيون هيون؛ جو هنن  وٽ هڪ مسافر وڌي رهيو هئو. ويچاريون منجهيل به ڪو ايترو هيون، جو منهنجي بورڊنگ پاس جو ڪائونٽر فوائل ڏسڻ کانپوءِ به کين باقي بورڊنگ پاس جو اڌ حصو واپس ڏيڻ لاءِ الائي ڪيترا ٿها اُٿلائڻا کين پيا! پوءِ جيئن ئي ڪنهن هڪ ڇوڪريءَ کي منهنجي بورڊنگ پاس ملي ته مس وڃي سڀني کي ساه پيو! مون کي بورڊنگ پاس واپس ڏيندي چيائون. ته اڃا منهنجي فلائيٽ  ۾ ڪافي ٽائيم پيو آهي، تيسين آءٌ مٿئين فلور تي وڃي ساڳئي گيٽ ٻاهران انتظار ڪريان!

مٿي آيس ته سڀ ڪرسيون خالي پيون هيون، پر ساڳيو سيءُ ساڳي ٿڌ، ڪنبڻي پئي پئي! هينئر مون اتي سمهڻ بجاءِ ’ڊيوٽي فري  مارڪيٽ‘ طرف موٽ کاڌي؛ جو ان ئي منزل تي هڪ هنڌ سمهڻ لاءِ ڊگها صوفا لڳايل هئا. آءٌ به هڪ صوفا جي ٽيڪ کي پٺيان ڪندي لت ڏيئي سمهي پيس. اُتي بلڪل نارمل ٽيمپريچر هئو ته سمهڻ سان ئي ننڊ کنيو ويئي! جاڳ ٿي ته ٿائلنڊ ٽائيم موجب صبح جا 10:30 بجه ٿي رهيا هئا. 11 بجي ته اسان کي اوساڪا لاءِ ايئرڪرافٽ ۾ بورڊنگ  ڪرڻي هئي.

آءٌ پنهنجو هينڊ بيگ کڻي گيٽ 7-C طرف آيس ته هينئر مٿيون ڦاٽڪ کليو ئي پيو هئو. هيٺ لائونج ۾ اچي فريش ٿي هٿ منهن ڌوتو ته ڪجهه تازو  توانو پئي محسوس ڪيو. لائونج ۾ مون کان سواءِ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ئي مس هئا. آءٌ پنهنجي لکڻ پڙهڻ کي لڳي ويس.

اڃا 11:00 بجه ٿيڻ ۾ ڪجهه منٽ پيا هئا، جو اسان کي ايئرڪرافٽ ۾ بورڊنگ ڪرڻ لاءِ سڏ ٿيو. آءٌ به پنهنجو بئگيج کڻي اول اول ئي ايئرڪرافٽ اندر داخل ٿيس. هينئر وري به اندر ايئرهوسٽس کان اوساڪا لاءِ پڇي پڪ ڪري پوءِ وڃي پنهنجي مخصوص ونڊو سيٽ تي ويٺس. هاڻ وري اسان کي ڇهه ڪلاڪ ٻيا نان-اسٽاپ اڏام ڪرڻي هئي ۽ ٿائلينڊ – جاپان جي ڏيڍ ڪلاڪ ٽائيم واري فرق جي حساب سان اسان کي شام جو 6:25 بجه اوساڪا پهچڻو هئو.

هاڻ آءٌ بلڪل تازگي محسوس ڪري رهيو هوس؛ جو هڪ ته ايئرڪرافٽ جو اندريون ٽيمپريچر بيحد موافق هئو ۽ ڪمبل هوندي به ان جي ضرورت ڪونه پئي پيئي؛ ٻيون ته هاڻ بس صرف ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ سڌو اوساڪا ئي پهچڻو هوس، جتي ايئرپورٽ تي ئي مون کي پنهنجو ميزبان پروفيسر ماميا ڪينساڪوُ ملڻوهئو.

’ٿاءِ ايئرويز‘ جو ايئرڪرافٽ ائرو برج کان الڳ ٿيندي ڏه منٽ ليٽ ڪري ڇڏي ۽ 11:40 تي پٺيان ٿيندي رڙهڻ شروع ڪيو. پر عام طور جو ڪنهن به مصروف ايئرپورٽ تي ٻارهن ٻارهن ايئرڪرافٽ ٽيڪ- آف ڪرڻ لاءِ قطار ۾ بيٺا هوندا آهن؛ اُتي اهڙو ڪجهه به نه ٿيو ۽ صرف ٻن منٽن ۾ 11:42 بجي هوائي جهاز تيز ڊوڙڻ شروع ڪيو ۽ اڌ منٽ ۾ ٿائلنڊ کي الوداع ڪندي هوا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو!

هوائي جهاز ۾ جڏهن کاڌو پئي کارايو ويو ته همراهن وٽ ويج فوڊ هئو ئي ڪونه! صرف چڪن ۽ پورڪ ملي رهيو هئو. مون ٻيو ڪو چارو نه ڏسي چڪن فوڊ ته گهرايو؛ جنهن ۾ هڪ مڪسڊ ويجيٽيبل ۽ سلاد به  هئو. پر ٻيلي ان ٿائي فوڊ ۾ مونکي مزو ئي ڪو نه پئي آيو. سبزي چانور کائي مٿان پيسٽري ڪيڪ کاڌو ته اهو مڙيو ئي سٺو لڳو. مون ايئرهوسٽس کي اها پيسٽري ٻي به آڻڻ لاءِ چيو. جيسين اها کڻي اچي، تيسين ڀر ۾ ويٺل هڪ ٿائي نسل جي ڇوڪريءَ مون کي چيو ته هن جي پيسٽري بلڪل صاف آهي ۽ هن کي ڪونه کائڻي آهي. هن جو ايڏو خلوص ڏسي آءٌ انڪار نه ڪري سگهيس؛ پر ابا اُها پيسٽري به ايڏي ته ڳوري هئي، جو آءٌ ان کي ئي مشڪل سان ڇڏائي سگهيس. پوءِ ته ٽين پيسٽري کائڻ منهنجي لاءِ  ممڪن ئي ڪونه هئو!

نان-اسٽاپ اڏام جاري رکندي شايد اسان جي فلائيٽ ڪجهه ليٽ ٿي چڪي هئي، جو 6:30 بجي به اڃا اسين سمنڊ مٿان اڏامي رهيا هئاسين. اڃا هاڻ دور کان ڪنهن شهر جون ڪجهه جهلڪيون پئي نظر آيون. جاپان جي ڌرتيءَ تي اها منهنجي پهرين نظر هئي. اڄ منهنجون ننڍي هوندي واريون حسرتون حقيقت جو  روپ وٺي رهيون هيون.

ايئرهوسٽس تمام فارينرس کي اميگريشن ۽ ڪسٽم ڊڪليئريشن ڪارڊ ڏيئي ويئي هئي، جيڪي مون ڀري ئي ڇڏيا هئا. جيئن جيئن اوساڪا جي ويجهو پئي ٿيندا وياسين ته آءٌ لکڻ پڙهڻ بند ڪري نظارن جو لطف وٺڻ لڳس. ڏسندي ئي ڏسندي 6:32 بجي ايئرڪرافٽ لينڊنگ ڪري به ڇڏي ان لحاظ کان اسين مقرر ٽائيم کان صرف ٻه منٽ ليٽ هئاسين.

آءٌ ائروبرج کان ٻاهر نڪري ’ڪنسئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ‘ اوساڪا جي عمارت ۾ داخل ٿيس ته ڀر ۾ ئي هڪ شٽل ٽرين بيٺل هئي؛ انائونسمينٽ  موجب اوساڪا جي مسافرن کي ان شٽل ٽرين ۾ چڙهڻو هئو. منهنجي اسپيڊ ايڏي هئي، جو آءٌ ته پهرين سروس ۾ ئي چڙهي اندر ٿيس. جلد ئي دروازو بند ٿيو ۽  صرف چند منٽن جو سفر ڪندي اسين پنهنجي ‘Arrival Lounge’ وٽ پهچي به وياسين. آءٌ تڪڙو تڪڙو ايسڪيليٽر تي لڳايل سائين بورڊ ڏسي هيٺ اچي اميگريشن ڪرائيندي اچي پنهنجي بيلٽ تي بئگيج کڻڻ لاءِ بيٺس. اتي ته اول ئي الائي ڪيترا مسافر بيٺا هئا. منهنجي بيگ جهڙي هڪ ٻين بيگ ساڳيو مون جيان ربن لڳايل بار بار بيلٽ گهمي رهي هئي. ڀوءُ پئي ٿيو ته ڪٿي همراه بدلائي ته ڪونه ويو آهي، پر پوءِ جڏهن بئگيج اچڻ چالو ٿيو ته منهنجي بيگ به جلدئي اچي ويئي. 6:45 بجه ٿيا هئا. جو آءٌ ارائيول گيٽ کان ٻاهر نڪري آيس. ماميا ڪيناڪوُ بيحد پاٻوه منجهان اچي ڀاڪر پائي جاپان جي ڌرتيءَ تي منهنجو استقبال ڪيو!

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽئين ڪلاس جي آرٽسٽ شاگردياڻي سهائي ڪمال ڄامڙو جو انٽرويو:عوامي آواز سٿ

پيارا ٻارو! اڄ اسان اوهان جي ملاقات هڪ اهڙي ٻارڙيءَ سان ڪرائينداسين جيڪا ڪراچيءَ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے