24 سومر , سيپٽمبر 2018

نوڪيا طاقتور بيٽري واري سستي ترين سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور موبائل ڪمپني نوڪيا هيل تائين پنهنجي سڀ کان سستي اينڊرائيڊ سمارٽ فون ”نوڪيا 2“ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، جيڪا هلندڙ مهيني ئي وڪري لاءِ پيش ڪئي ويندي. اهو اعلان نوڪيا موبائل فونون خريد ۽ وڪرو ڪرڻ جو لائسنس رکندڙ ڪمپني ايڇ ايم ڊي گذريل ڏينهن هڪ ايونٽ دوران ڪيو. ڪمپني موجب اها هيل تائين جي سڀ کان سستي اينڊرائيڊ فون آهي. ”نوڪيا ٽو“ 5 انچ اسڪرين جي ايل ٽي پي ايس ايڇ ڊي ڊسپلي سان گڏ آهي، جنهن جي ريزوليوشن 1280 ضرب 720 پڪسل آهي. موبائل جا ٻيا فيچر به بنيادي قسم جا آهن، جهڙوڪ ڪواڊ ڪور 1.3 گيگا هرٽز ڪوالڪوم اسنيپ ڊراگون 212 پراسيسر ۽ هڪ جي بي ريم پر اها فون اينڊرائيڊ 7.1 نوگيٽ آپريٽنگ سسٽم سان گڏ آهي، جيڪا جلد اينڊرائيڊ 8.0 سان اپ ڊيٽ ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي وئي آهي. فون ۾ 8 ميگا پڪسل بيڪ ڪئميرا، جڏهن ته 5 ميگا پڪسل فرنٽ ڪئميرا ڏني وئي آهي ۽ فيس بُڪ فون هجڻ باوجود ان ۾ گوگل اسسٽنٽ به موجود آهي، جيڪو عام طور تي اهڙين فونن ۾ ناهي هوندو پر فون جي سڀ کان خاص ڳالهه ان جي 4100 ايم اي ايڇ بيٽري آهي. ڪمپني موجب ان بيٽري کي هڪ چارج تي لاڳيتو ٻن ڏينهن تائين هلائي سگهجي ٿو. ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته ان جي قيمت 99 يورو (12 هزار پاڪستاني رپين) کان وڌيڪ هوندي ۽ اها نومبر جي وچ ۾ مختلف ملڪن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪئي ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سانگ سنگ پهرين ٽن ڪئميرائن واري سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏي

سيوئل (ويب ڊيسڪ) سام سنگ خاموشيءَ سان پنهنجي پهرين ٽن ڪئميرائن واري سمارٽ فون متعارف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے