19 اربع , سيپٽمبر 2018

جنسي هراسمينٽ کان بچاءُ واري ايپ تيار

قاهره(ويب ڊيسڪ)مصر جي ماهرن عورتن کي هراسمينٽ ڪرڻ يا عورتون کي تنگ ڪرڻ کان بچڻ لاءِ موبائل ايپليڪيشن تيار ڪري ورتي آهي. جڏهن ته ماهرن عورتن کي هراسمينٽ ڪرڻ وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ اينڊروئيڊ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي جنهن  سان عورتن کي هراسمينٽ ڪرڻ وارن خلاف سخت قدم کڻي سگهجن ٿا. جڏهن ته ماهرن موجب هي ايپ صارف سان ڳالهائي هر قدم تي  ان  جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو. هن ايپ ۾ هڪ آپشن موجود آهي جنهن کي استعمال ڪندي هي پنهنجي طريقي سان متاثر عورت جي ڪنهن پنهنجي  ماڻهو سان ميسيج ذريعي رابطو ڪري ۽ هراسمينٽ ڪرڻ بابت فوري طور تي اطلاع ڏئي سگهي ٿو. هي ايپ ويجهو پوليس اسٽيشن جي نقشي ۽ روٽ سان گڏوگڏ ضرورت وقت فوري طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال  ڏانهن  اطلاع ڏئي سگهي ٿو. جڏهن ته  (streetPal)نالي هي ايپ آڊيوريڪارڊ پڻ ڪري  سگهي ٿو جيڪا جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هي ايپ اينڊروئيڊ موبائيل ۾ مفت ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿي ۽  هن وقت تائين  هزارين عورتون هن ايپ جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليڪس ڪمپني پاران ڊيجيٽل سائيڊ مرر واري پهرين ڪار متعارف ڪرائڻ جو اعلان

جاپان ( ويب ڊيسڪ ) جيتوڻيڪ ڪارن جي پاسن ۾ لڳل منهن ڏيکاريندڙ آئينن( بيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے