27 سومر , مارچ 2017

پروگرام ليڪچر | پاڪستان ٺاهڻ ۾ پنجاب جو ڪو به ڪردار نه هو: جامي چانڊيو


پاڪستان ٺاهڻ ۾ پنجاب جو ڪو به ڪردار نه هو،قومي تضاد جو حل ٿيڻ ضروري آهي: جامي چانڊيو
فيڊريشن جو بنيادي مقصد ئي سڀني ٻولين ۽ قومن کي قبول ڪرڻ ۽ تحفظ ڏيڻ سان جڙيل هوندو آهي
قومي سوال جو تعلق پاڪستان جي ٺهڻ سان آهي،اهو معاملو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وجود رکي ٿو
صوبا آئيني طور خودمختيار آهن ته اردو کانسوءِ پنهنجي صوبائي ٻولين کي رياستي ٻولين ۾ شامل ڪرڻ جو حق رکن ٿا: ”ليڪچر“ پروگرام ۾ اظهار
ڪراچي ( رپورٽر ) مضبوط وفاق لاءِ قومي تضاد جو حل ٿيڻ لازمي شرط آهي،گهڻ قومي رياستن ۾ قومي سوال جو وجود فطري آهي.جيستائين قومي سوال حل نه ٿيندو تيستائين رياستن جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيندا.اهڙو اظهار سنڌ جي ناليواري دانشور جامي چانڊيو عوامي آواز ٽي وي تي ڊاڪٽر جبار خٽڪ جي ميزباني ۾ ٿيل پروگرام ليڪچر ۾ سنڌ جي قومي سوال بابت ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته قومي سوال جو تعلق پاڪستان جي ٺهڻ سان آهي.پاڪستان ٺاهڻ ۾ پنجاب جو ڪو به ڪردار نه هيو،ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ دنيا نئين سري سان هڪ نئين صف بندي ۾ منظم ٿي، قومي تضاد يا قومي سوال نه رڳو پاڪستان ۾ نه پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود هيو ۽ اڄ به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وجود رکي ٿو.غلامي جي دور ۾ جيڪي وڏيون بادشاهتون هيون انهن ۾ قومن جو تصور نه هيو.قومي سوال جي شروعات جديد دور جي پيداوار آهي،جڏهن کان جهموري دورجو آغاز ٿيو ته قومن پنهنجي خودمختياري جي گهر ڪئي.دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ آهن جيڪي فيڊريشن جي صورت ۾ به ڪامياب آهن.پاڪستان جي تاريخ ۾ پورا نو سال ڪو آئين ئي نه هيو،تنهن کان پوءِ باقي ساڍا ٽي ٽيه سال آئين کي معطل ڪيو ويو ته پوءِ فيڊريشن ڪئين هلي سگهي ٿي.فيڊريشن جو بنيادي مقصد ئي سڀني ٻولين ۽ قومن کي قبول ڪرڻ ۽ تحفظ ڏيڻ سان جڙيل هوندو آهي.آئين ۾ به اهو شامل آهي صوبا آئيني طور تي خودمختيار آهن ته اردو کان سواءِ پنهنجي صوبائي ٻولين کي رياستي ٻولين ۾ شامل ڪرڻ جو حق رکن ٿا. پروگرام ۾ سينئر صحافي ڊاڪٽر قاسم راڄپر،ذلف پيرزادو، اسد چانڊيو ۽ تصوير سنديلو پڻ موجود هيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

vlcsnap-2017-03-26-21h12m31s659

عوامي آواز|نيوز بليٽن

*سينيٽ چيئرمين پاران فوجي عدالتن واري بل جي سينيٽ ۾ مخالفت جو اعلان *حڪمران اقتدار …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي