22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پاڪستان ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جا خواهشمند سوشل ميڊيا تي سرگرم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاناما فيصلا کان گهڻو وقت اڳ ئي نواز شريف ۽ ن ليگ خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلي رهي هئي، جنهن مان ڪيترائي ماڻهو کين ڪرپٽ ۽ غدار قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته ڪيترائي وري کين طالبان چئي رهيا هئا، انهن مان ڪجهه ماڻهن جي اها به خواهش هئي ته ٽيڪنوڪريٽس جي حڪومت اچي. تجزئي نگارن موجب اها مهم عوام جي دلين ۾ نواز شريف خلاف نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ هلائي وئي ۽ مهم هلائيندڙن کي پنهنجي مقصد ۾ گهڻي حد تائين ڪاميابي پڻ ملي. پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا جي حوالي سان قانون هجڻ باوجود اهڙي قسم جي سرگرمين خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي، جڏهن ته ڪجهه ٽي وي چئنل پڻ سڌو سنئون نواز شريف خلاف مهم هلائيندا رهيا ۽ هاڻ به هلائي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ وري گهرو وزير احسن اقبال اهو بيان ڏئي پاڪستان ۾ افواهن جي بازار وري گرم ڪري ڇڏي آهي ته ڪجهه ”ڳجها هٿ“ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن. هن اهو بيان اهڙي وقت ۾ ڏنو آهي، جڏهن ن ليگ جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف هاڻوڪي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سميت پنهنجي ڪور ٽيم کي لنڊن گهرائي هنگامي طور صلاح مشورو ڪيو آهي، جيتوڻيڪ ان ملاقات جا تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن پر گهڻن تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ان ”ڳجهي هٿ“ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هوندي. احسن اقبال ڄاڻايل ڳجهي هٿ جي نشاندهي ته نه ڪئي آهي پر ڪجهه باخبر ذريعا ان امڪان کي رد ڪري رهيا آهن ته شايد پاڪستان ۾ هڪ عبوري حڪومت يا ڪيئر ٽيڪر سيٽ اپ جي تياري ڪئي پئي وڃي. آگسٽ ۾ پڻ اهڙي عبوري حڪومت جي امڪان جون خبرون آيون هيون ته ٽن سالن لاءِ جنرل (رٽائرڊ) راحيل شريف جي سربراهي ۾ هڪ عبوري حڪومت قائم ڪرڻ بابت غور ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ ڪجهه اڳوڻا سياستدان، رٽائرڊ فوجي جرنل ۽ اڳوڻا بيورو ڪريٽ شامل هوندا. هڪ اخبار جي رپورٽ موجب 2018ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊون رد ڪيون وينديون ۽ ايندڙ ٽن سالن تائين ڪا به سياسي حڪومت قائم نه هوندي. ڄاڻايل عبوري حڪومت ملڪ جي سياسي نظام کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي تي ڪم ڪندي. ان خبر ۾ اهو به چيو ويو هو ته اها عبوري حڪومت پنهنجي ٽن ورهين جي مدي دوران ملڪ کي پارلياماني نظام بدران صدارتي نظام ڏانهن وٺي ويندي ته جيئن ملڪ ۾ پاور شيئرنگ جي ڪيفيت جو خاتمو ڪري سگهجي. هاڻ ٻن مهينن کانپوءِ احسن اقبال افواهن جي بازار ٻيهر گرم ڪري ڇڏي آهي. هن پنهنجي فيس بُڪ تي هڪ پوسٽ ڪئي آهي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي سياسي تاريخ جي ڏهاڪن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي. 1950ع جو ڏهاڪو: جمهوريت، 1960 جو ڏهاڪو: مارشل لا، 1970 جو ڏهاڪو: جمهوريت، 1980 جو ڏهاڪو: مارشل لا، 1990 جو ڏهاڪو جمهوريت، 2000ع جو ڏهاڪو: مارشل لا، 2010 جو ڏهاڪو جمهوريت، 2020 جو ڏهاڪو:؟؟؟. سندس فارمولي موجب ايندڙ وارو غير جمهوري قوتن جو ٿي سگهو ٿو، ڇو ته سندس بقول اهو پيٽرن ٺهي چڪو آهي. هوڏانهن آمريڪا جي مشهور پاليسي ساز اداري يونائيٽيڊ اسٽيٽس انسٽيٽيوٽ آف پيس جي ايسوسيئيٽ وائيس پريزيڊنٽ معيد يوسف خابرو اداري سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ افواهن جو ڪلچر موجود آهي ۽ جڏهن به ملڪ ۾ سياسي بي يقيني واري صورتحال پيدا ٿيندي آهي ته ماڻهو اڳڪٿيون شروع ڪري ڇڏيندا آهن پر حقيقت اها آهي ته هاڻ پاڪستان جي نظام ۾ ڪيترائي ڪردار موجود آهن، انهن مان ڪو به ڪردار ڪو حتمي فيصلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، اهو مسئلو حل ڪرڻ آسان ناهي، جڏهن ته نواز شريف اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي آهي ته سياسي طاقت نٿو ڇڏڻ چاهي، مطلب جيڪڏهن هو وزيراعظم نه به بڻجي سگهي ته پنهنجي پارٽي جو ڪنٽرول پاڻ وٽ ئي رکڻ چاهي ٿو، ان کانسواءِ ٻنهي ڀائرن ۾ هاڻ سياسي وراثت تي به تڪرار نظر اچي رهيو آهي ته ايندڙ قيادت مريم نواز کي ڏني ويندي يا شهباز شريف جي پٽ حمزا شهباز کي، جيڪڏهن فوج جي ڳالهه ڪجي ته معيد يوسف موجب ملڪ ۾ جاري بي يقيني ۽ سياسي عدم استحڪام بابت يقينن ڳالهه تي ٿي رهي آهي ته معاملا وڌيڪ خراب ٿيڻ جي صورت ۾ انهن کي ڪيئن سنڀاليو وڃي. تازو جاري ڪيل فوجي بيانن ۾ سياسي رنگ به موجود آهي. ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اڳڪٿيون اهي آهن ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ انهن ۾ سڀني سياسي ڌرين لاءِ هڪ جهڙو ميدان هوندو، جنهن ۾ نواز شريف ۽ سندس پارٽي جو قد به گهٽجي ويندو ۽ ٻين پارٽيون به ڪا واضح ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهنديون. عمران خان جي پارٽي ايندڙ چونڊن لاءِ هن وقت مڪمل طور تيار نظر نه پئي اچي، تنهن ڪري چونڊن جي نتيجي ۾ امڪاني طور هڪ اهڙي صورتحال اڀري سامهون اچي سگهي ٿي، جنهن ۾ ڪنهن به پارٽي جي واضح اڪثريت نه هجي ۽ گڏيل حڪومت قائم ٿيڻ اڻٽر ٿي وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے