19 اتوار , نومبر 2017

هيڊ ۽ ليمن سان ڪيو پنهنجي چمڙي جي حفاظت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): اڄ ڪلهه عورتون هيڊ ۽ ليمي سان مساج سان پنهنجي چهري کي بهترين غزا ڏينديون آهن، جنهن سان انهن جو چهرو ۽ چمڙي چمڪدار ۽ نرم ملائم ٿي ويندي آهي، اها کل کي هر قسم جي داڻن ۽ موهيڙن کان به محفوظ رکندي آهي، هيڊ سان کل تي مساج ڪرڻ سان چهري تي ڄميل ميراڻ، مٽي ۽ سنها وار ختم ٿي ويندا آهن ۽ ٿريڊنگ جي ضرورت به نه پوندي آهي، ان کان سواءِ اها رنگ ۾ نکار به آڻيندي آهي، چمڙي تان غير ضروري وار ختم ڪرڻ لاءِ ويڪس به کنڊ ۽ ليمون هڪ خاص مقدار ۾ گڏائي تيار ڪيو ويندو آهي، بيسڻ جو ڇاڻ ۽ اٽو به کل کي ڪلينزنگ ۾ به گھڻو فائديمند ثابت ٿي رهيو آهي، انهن قدرتي شين جي استعمال سان کل کي گھٽ عمري ۽ صحت ۽ ڪشش ۾ اضافو ٿيندو آهي. جڏهن ته صابڻ  ۽ ٻين مصنوعي شين جي پروڊڪٽس مارڪيٽ ۾ ملنديون آهن ۽ انهن کي گھر ۾ به مختلف طريقي سان تيار ڪيو ويندو آهي، ماکي جي مساج سان چهري جي  رنگت نکرندي آهي، جنهن سان اوهان کي بيوٽي پارلر وڃڻ جي ضرورت ئي ناهي رهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا توهان به ڀورا ٿيڻ چاهيو ٿا، جيڪڏهن ها ته پوءِ هي گهريلو نسخا آزمايو…

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): اڄ جي دور ۾ هر انسان جي خواهش هوندي آهي ته هو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے