21 خميس , جون 2018

اسڪالر شپ تي پرڏيهه ويندڙ 8 سيڪڙو شاگرد غائب ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي تحت اسڪالرشپ تي پرڏيهه ويندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين مان8 سيڪڙو شاگردن جو اتي ئي گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. 100 کان وڌيڪ اسڪالرن جي گم ٿيڻ خلاف هائر ايجوڪيشن ڪميشن قانوني ڪارروائي ۾ مصروف هي جڏهن ته زر ضمانت ضبطي سان گڏوگڏ لکين رپين جي واپسي لاءِ ڪوششون جاري آهن، ٻئي پاسي حڪومتي عدم توجهه جي ڪري ٻئي مد ۾ پرڏيهه رهندڙ لکين شاگرد تعليمي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ انتهائي گهٽ معاوضي تي نوڪريون ڪرڻ تي مجبور آهن. هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي تحت 2002ع کان هن وقت تائين 12 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مختلف فيلڊز ۾ پرڏيهه موڪليو ويو آهي جنهن مان 92 سيڪڙو ماڻهو واپس آيا آهن تنهن هوندي 8 سيڪڙو اسڪالر واپس اچڻ بدران اتي ئي غائب ٿي چڪا آهن جن خلاف قانوني ڪارروائي جاري آهي. ذريعن موجب هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي قانون تحت پرڏيهه ويندڙ زر ضمانت جا بانڊ ڀرايا ويندا آهن تنهن هوندي هڪ اسڪالر تي گهٽ ۾ گهٽ 90 لک پاڪستاني رپيا خرچ ايندو آهي. انهن اسڪالرن لاءِ ضروري هوندو آهي ته تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ 2 سالن تائين پاڪستان ۾ خدمتون انجام ڏيڻ کان پوءِ اهي ڪيڏانهن به وڃي سگهن ٿا پر اڪثر اسڪالر اتي ئي غائب ٿي ويندا آهن. ٻئي پاسي اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته آمريڪا، برطانيا، جرمني، چين، آسٽريليا ۽ يورپ سميت ٻين ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويندڙ 2 لک پاڪستاني شاگرد خرچ پورا ڪرڻ لاءِ انتهائي گهٽ پيسن تي نوڪري ڪرڻ تي مجبور آهن. گذريل 5 سالن دوران رڳو انگلينڊ ۾ 58 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويا، اهڙي ريت آمريڪا ۾ 6 هزار کان وڌيڪ، چين ۾ 20 هزار کان وڌيڪ، آسٽريليا ۾ 17 هزار کان وڌيڪ، جرمني ۾ 10 هزار کان وڌيڪ، ڪيوبا ۾ 10 هزار کان وڌيڪ جڏهن ته ڪرغيزستان وچ ايشيائي رياستن کان سواءِ نار ملڪن، سنگاپور ۽ بنگلاديش ۾ به پاڪستاني شاگردن جو وڏو انگ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موجود آهي. اڪثر ملڪن ۾ پرڏيهي شاگردن کي پارٽ ٽائم ملازمت ڏيڻ واريون پاليسيون ۽ قانون موجود آهي تنهن هوندي انهن قانونن تي حقيقي معنائن ۾ عمل ناهي ٿيندو ۽ گهٽ پيسن ۾ ملازمت ڏئي شاگردن جو حق ماريو ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The details of the assets of Shahbaz Sharif and Hamza Shahbaz

شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي اثاثن جا تفصيل به سامهون اچي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے