18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ادارن سان ٽڪراءُ ملڪي سلامتي خلاف آهي، جمهوريت مضبوط ڪرڻ گهرجي: خورشيد شاهه

صالح پٽ ( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ادارن سان ٽڪراءُ ملڪي سلامتي خلاف آهي. صالح پٽ ۾ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته اسان مخالف ڌر ۾ رهي پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اڄ ملڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي. هن چيو ته اهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون آهن جنهن کي حل ڪرڻ اسان جو فرض آهي. سندس چوڻ هو ته سياستدانن کي عوامي حقن جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. خورشيد شاهه چيو ته ميان صاحب کي بار بار چيو ته پارليامينٽ کي اهميت ڏني وڃي ۽ گڏجي ويهي مسئلا حل ڪيا وڃن، اهڙو شخص پارليامينٽ کي ختم نه ٿو ڪري سگهي جيڪو پاڻ کي طاقتور سمجهي. هن چيو ته اسان پارليامينٽ کي طاقتور ثابت ڪري ڇڏيو آهي، عوامي طاقت محسوس نه ڪندڙ شخص تباهه ٿي ويندو آهي، جيڪو عوام لاءِ جيئندو آهي اهو هميشه قائم رهندو آهي. سندس چوڻ هو ته تقريرن ۽ گارين سان سياست نه ٿيندي آهي، ڪجهه سياستدان پهريون گاريون ڏئي پوءِ معافي وٺندا آهن، معافي گهرڻ جو مطلب آهي پنهنجي سياست کي خدا حافظ چوڻ. خورشيد شاهه چيو ته نون نون سياستدانن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي، پاڪستان ۾ جمهوريت طاقتور آهي ته ملڪ مضبوط آهي. هن چيو ته ڪرڪيٽ جي اصل سڃاڻپ ڪراچيءَ کي نه وسارڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيمن جي تعمير بابت سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاڻي جي کوٽ ۽ ڊيمن جي تعمير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے