19 جمعہ , جنوری 2018

ن ليگ جي حڪومت آئيني مدو پورو ڪندي: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته ن ليگ حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي ۽ چونڊون ايندڙ سال ٿينديون. هڪ انٽرويو ۾ مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته جمهوري نظام ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري کٽيندڙ عوام جي نمائندگي ڪندو آهي ۽ جمهوري عمل کي هلائڻ جو اهو اڪيلو رستو آهي. پاڪستان مسلم ليگ ن جي حڪومت گذريل چئن ورهين دوران سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سميت ٻين اهم مسئلن تي ضابطو آندو آهي. هن چيو ته شريف ڪٽنب پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ان حقيقت باوجود عدالتن جي روبرو پيش ٿي رهيو آهي ته کين برطانيا ۾ بيمار ڪلثوم نواز جي سار سنڀال به ڪرڻي آهي. مصدق ملڪ چيو ته پاناما پيپر ڪيس بدعنواني بابت هو پر نواز شريف کي اقاما تي نااهل ڪيو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے