17 اڱارو , جولاءِ 2018

عمران صاحب، جلسن ۾ ڪوڙ ڳالهائي تبديلي نٿي آڻي سگهجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب، اڄ به توهان جي ساڳي تقرير ۽ ساڳو ڪوڙ آهي، توهان جڏهن به ڳالهائيندا آهيو ته ڪوڙ ئي ڳالهائيندا آهيو. پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي ميانوالي جلسي ۾ تقرير تي پنهنجو ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب، ساڙ ۽ اقتدار جي هوس توهان کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي، توهان پنهنجا 4 سال ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ زيان ڪيا. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف پنجاب جي عوام جي خدمت ڪئي آهي، سندس محنت ۽ ڪارڪردگي جو ثبوت ان جو ڪيل ڪم ئي ڏئي ٿو. عمران صاحب، جلسن ۾ ڪوڙ ڳالهائي تبديلي نٿي آڻي سگهجي، توهان کي تبديلي لاءِ شهباز شريف جيان ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ڊينگي جي مريضن کي ته سنڀالي نٿو سگهي تنقيد وري شهباز شريف تي ٿو ڪري.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايفي ڊرين ڪيس: روزاني ٻڌڻي خلاف حنيف عباسي جي اپيل رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے