27 جمعہ , اپریل 2018

ن ليگ ۾ اختلاف راءِ ضرور آهي پر ڌڙي بندي نه، ڪو سياسي طور وڪامجڻ جي اميد نه رکي: چوڌري نثار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته حڪومت جو ڀارت سان دوستيون وڌائڻ سٺو ناهي، ڇو ته مودي حڪومت مان خير جي اميد نٿي رکي سگهجي، ڪو به مون مان سياسي طور وڪامجڻ جي اميد نه رکي، ن ليگ ۾ نه اختلاف نه وري فارورڊ بلاڪ آهي. ڪلر سيدان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته مان مال ۽ دولت کي نه پر ڪردار کي اهميت ڏيندو آهيان، مناسب سمجهي وزارت ۾ نه ويٺس، عهدي ۽ حڪومتون اچڻيون وڃڻيون شيون آهن، ڪوشش ڪندو آهيان اهڙو ڪم ڪيان جو ڪير به منهنجي ڪردار تي آڱر نه کڻي سگهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي پارٽي کي سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به فيصلي کي پٺي نه ڏيڻ گهرجي، عدليا جي فيصلي سان اختلاف ۽ اپيل جي اجازت آهي، تنقيد به ڪري سگهجي ٿي پر جيڪڏهن مذاق اڏائيندئو ته نتيجو ڇا نڪرندو؟ ڇا نواز شريف کي سپريم ڪورٽ مان انصاف ناهي وٺڻو. هن چيو ته ن ليگ ۾ اختلاف راءِ ضرور آهي پر ڪا ورهاست ناهي، تجزئي نگار اختلاف راءِ کي وڏي بحران طور پيش ڪندا آهن پر پارٽي ۾ ڪو فارورڊ بلاڪ يا ڌڙي بندي ناهي، اختلاف راءِ جمهوريت جو بنياد آهن. چوڌري نثار چيو ته جيڪي به پاليسيون ٺهنديون اهي ن ليگ ۽ ملڪ جي مفاد لاءِ ٺهنديون، مخالف ڏسندا ته ن ليگ ايندڙ چونڊن ۾ متفق اتحاد ۽ اتفاق سان ميدان تي لهندي. ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته حڪومت جو ڀارت سان دوستيون وڌائڻ وارو عمل سٺو نٿو لڳي، جنهن جو اظهار ڪيان ٿو، مودي جي حڪومت مان پاڪستان کي خير جي اميد نه رکڻ گهرجي، جنهن شخص جي ايجنڊا اسلام ۽ پاڪستان دشمني هجي، ان مان خير جي اميد رکڻ ائين آهي ڄڻ توهان پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏئي رهيا آهيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يقين آهي ته خواجا آصف کي عدالت عظميٰ مان انصاف ملندو: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي خواجا آصف جي خلاف نااهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے