19 اربع , سيپٽمبر 2018

نواز کانپوءِ هاڻ شهباز شريف جو وارو آهي: عمران خان

ميانوالي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته 21 ورهين جي جدوجهد ۾ وڏين مايوسين کي منهن ڏيڻو پيو، نواز شريف کانپوءِ هاڻ شهباز شريف جو وارو آهي. ميانوالي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان ڪي پي ڪي پوليس کي درست ڪيو، جنهن ۾ نتيجي ۾ 70 سيڪڙو ڏوهه گهٽيا، موقعو مليو ته پنجاب پوليس کي به درست ڪري ڏيکارينداسين، پنجاب جو وڏو وزير پوليس کي ٺيڪ ڪرڻ بدران ارپين رپيا خرچ ڪري وردي مَٽائي ۽ پنجاب پوليس جي اهلڪارن کي ٽپالي بڻائي ڇڏيو، شهباز شريف پوليس کي بي وقوف بڻائي رهيو آهي، شڪر آهي هڪ ڀاءُ هليو ويو، هاڻ ٻيو به هليو ويندو. عمران خان چيو ته مان اقتدار ۾ اچي نيب ۽ ايف آءِ اي کي ٺيڪ ڪندس، مون کي ناهي خبر ته آصف زرداري ڪڏهن ڪو ٽيڪس ڏنو، شريف ڪٽنب نيب ۾ ويندي ائين هٿ لوڏيا ڄڻ ڪشمير فتح ڪيو اٿن، نواز شريف 300 ارب رپيا چوري ڪري ملڪ کان ٻاهر کڻي ويو، پاڪستان ۾ ننڍن چورن کي جيل موڪليو ويندو آهي ۽ وڏو چور وري پروٽوڪول ۾ ايندو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلي جي جاچ ڪميٽي ۾ سينيٽ کي به شامل ڪيو وڃي: اپوزيشن جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن پارٽين چونڊن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان جاچ لاءِ خاص …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے