24 آچر , جون 2018

ڪاتولانيا اسپين کان آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڇڪتاڻ چوٽ چڙهيل

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ): نيم خودمختيار ڪاتالونيا جي علائقائي حڪومت اسپين کان آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف اسپين جي حڪومت ڪاتالونيا جي علائقائي حڪومت کي ختم ڪندي ان خطي جي فوري طور تي ڪنٽرول ۾ وٺڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، ان سان گڏ اسپين جي وزيراعظم ماريانو راخوئي ۾ ڪابينا جو هڪ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، ته جيئن ان ڳنڀير صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي جوڙي سگهجي، ڪاتالونيا جي علائقائي حڪومت طرفان آزادي جي اعلان بعد بارسلونا ۾ موجود هزارين مظاهرين خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته هاڻي هڪ ”آزاد ڪاتالونيا ري پبلڪ“ جو بنياد رکيو ويندو، ٻئي طرف ملڪي وزيراعظم عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Seattle prepared the Pakistan Local resources

پاڪستان مقامي وسيلن سان سيٽلائيٽ تيار ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مقامي وسيلن سان پاڪ ٽيس ون اي سيٽلائيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے