25 سومر , جون 2018

اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين ادارن جيان پارليامينٽ به احترام جوڳو ادارو آهي: مولانا فضل الرحمان

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلما (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جهڙي ريت اسٽيلشمينٽ ۽ ٻيا ادارا احترام جوڳا آهن ائين ئي پارليامينٽ به اهم ۽ احترام جوڳو آهي. ڪوئيٽا ۾ هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان ادارن ۾ تڪرار جا حامي نٿا ٿي سگهون، ملڪ ۾ ادارن جي وچ ۾ ٻڌي جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ بحران پيدا گهٽ ٿيندا آهن درآمد وڌيڪ ڪئي ويندي آهي جڏهن ته جيڪي قوتون ڪرپشن ۾ ملوث آهن، انهن کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي. مولانا فضل الرحمان چيو ته جهڙيءَ ريت اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻيا ادارا احترام جوڳا آهن ائين ئي پارلياميٽ به احترام جوڳو آهي. هن وڌيڪ چيو ته فڪر آهي ته ڇا اسان 2018ع جي چونڊ جا منظر ڏسي سگهنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The polling time should be kept from 7 to 7 nights till 8 o'clock: Fawad Chaudhary

پولنگ جو وقت صبح ست کان 7 کان رات 8 وڳي تائين رکيو وڃي: فواد چوڌري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف پولنگ جو وقت صبح ست وڳي کان رات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے