23 آچر , سيپٽمبر 2018

شام ۾ ڪيميائي حملو بشارالاسد حڪومت ڪيو: گڏيل قومن جي تصديق

نيويارڪ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن شام جي صوبي ادلب ۾ ٿيل ڪيميائي حملي ۾ بشار الاسد حڪومت جي ملوث هئڻ جي تصديق ڪئي  آهي.  پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن ۽ ڪيميائي هٿيارن جي روڪٿام بابت اداري او پي سي ڊبليو گڏيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته هلندڙ سال شام جي علائقي خان شيخون ۾ سارن گئس جو حملو بشار الاسد حڪومت ڪيو. اها رپورٽ ڪيميائي هٿيارن جي روڪٿام بابت اداري او پي سي ڊبليو ۽ گڏيل قومن جي گڏيل ٽيم جاري ڪئي آهي.  گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ڊائريڪٽر لوئس چار بونيو چيو ته رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ هاڻي بحث ختم ٿيڻ گهرجي ته خان شيخون حملي جو ذميوار ڪير هو. اپريل ۾ ٿيل اهڙي حملي ۾ ٻارڙن سميت 80 عام شهري به شهيد ٿيا جنهن کي ٽن سالن جو سڀ کان وڏو حملو قرار ڏنو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شام ۾ داعش سان تعلق هئڻ جي شڪ ۾ برطانوي ڊاڪٽر گرفتار

دمشق ( ويب ڊيسڪ ) شام ۾ شدت پسند تنظيم داعش سان واسطو رکڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے