17 اربع , جنوري 2018

نفيس ذڪريا ملائيشيا ۾ هاءِ ڪمشنر ۽ ڊاڪٽر فيصل پرڏيهي کاتي جو ترجمان مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا کي ملائيشيا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي. نفيس ذڪريا فارس سروس آف پاڪستان جو آفيسر آهي ۽ هن کي 4 جون 2016ع تي پرڏيهي کاتي جي ترجمان طور مقرر ڪيو ويو هو، هو پرڏيهي معاملن تي وسيع تجربو رکندو آهي ۽ پرڏيهي کاتي جي سينيئر آفيسرن ۾ شامل آهي. نفيس ذڪريا جڪارتا، بنڪاڪ ۽ ابوظهبي سميت ٻين ملڪن ۾ موجود پاڪستاني سفارتڪارن ۾ خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي جڏهن ته هو ڊائريڪٽر جنرل ڏکڻ ايشيا ۽ سارڪ جو ذميواريون به ادا ڪري چڪو آهي. نفيس ذڪريا اڄ  پرڏيهي کاتي ۾ الوداعي بريفنگ ڏني، اڄ الوداعي بريفنگ ۾ ڊاڪٽر فيصل جي نئين پرڏيهي ترجمان جي مقرري جو اعلان ڪيو. ڊاڪٽر فيصل ان کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل سائوٿ ايشيا ۽ سارڪ جي عهدي تي مقرر هو ۽ هو به پرڏيهي معاملن تي وسيع تجربو رکي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے