21 اتوار , جنوری 2018

ٻٽي شهريت رکڻ تي آسٽريليا جو نائب وزير اعظم نااهل قرار

آسٽريليا(ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي عدالت نائب وزير اعظم بارنبي جوئس کي ٻٽي شهريت رکڻ تي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. برطانوي ميڊيا موجب آسٽريليا جي هاءِ ڪورٽ نائب وزير اعظم بارنبي جوئس جي چونڊ کي غلط قرار ڏيندي کيس نااهل قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته عدالت ٻين 4 ميمبرن جي چونڊ کي به غلط قرار ڏنو. نااهل نائب وزير اعظم بارنبي جوئس وٽ نيوزي لينڊ جي شهريت به هئي ۽ هلندڙ سال جولاءِ ۾ ٿيل چونڊن کان اڳ هن ان جو ذڪر نه ڪيو هو. آسٽريلي  جي آئين موجب ٻٽي شهريت جي ٻڌل ماڻهو چونڊن ۾ حصو نٿا وٺي سگهن. نااهلي کان پوءِ بارنبي جوئس جو چوڻ هو ته عدالتي فيصلي جو احترام ڪيان ٿو. بارنبي جوئس جي نااهلي کان پوءِ وزير اعظم ميلڪولم ٽرنبل جي حڪومت کي سخت خطرا لاڳو ٿي ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي فوج جي نڪيال سيڪٽر تي فائرنگ، عورت سميت 2 شهري شهيد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فوج جي نڪيال سيڪٽر تي فائرنگ جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے