25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

روس جو خوفناڪ ايٽمي ميزائل ” شيطان 2“ جو تجربو

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) روس نئي ايٽمي بيلسٽڪ ميزائل ” شيطان ٽو“ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي جيڪو 12 جوهري هٿيار گڏ کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. برطانوي ميڊيا موجب روسي فوج تربيتي مشقن دوران پنهنجي نئين تباهه ڪندڙ  ايٽمي بيلسٽڪ ميزائل شيطان 2 جو تجربو ڪيو آهي جنهن جي باري ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هو هڪ ئي حملي ۾ سڄو ملڪ تباهه ڪري سگهي ٿو. ان هڪ کنڊ کان ٻئي کنڊ تائين واري ميزائل کي (آر ايس 28 سرمٽ) به چيو ويندو آهي ۽ ان جو وزن 100 ٽن آهي. تجربي دوران شيطان 2 5 هزار 793 ڪلو ميٽر جو فاصلو طئي ڪري هدف کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو. روسي فوج ٻڌايو ته ميزائل ايترو طاقتور آهي جو 12 نيوڪليئر وار هيڊ گڏ کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ڪنهن به دفاعي صلاحيت کي نقصان پهچائي سڄي ملڪ کي تباهه ڪري سگهي ٿو. شيطان ٽو 1945 ۾ جاپان  جي شهرن تي هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ڪيرايل آمريڪي ايٽم بم کان 2 هزار سيڪڙو وڌيڪ خطرناڪ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Only evidence evidence will be based on Money Laundering cases: British Home Minister

مني لانڊرنگ ڪيسن ۾ رڳو چٽن ثبوتن جي بنياد تي ڪارروائي ٿيندي: برطانوي گهرو وزير

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانوي گهرو وزير ساجد جاويد چيو آهي ته برطانيا پاڪستانين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے