18 جمعرات , جنوری 2018

ايران طرفان عراقي قدمن جي حمايت جو اعلان

تهران (ويب ڊيسڪ): ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنئي جي آفيس مان جاري هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته عراق طرفان پنهنجي ملڪ جي استحڪام ۽ علائقائي خودمختياري جي لاءِ کنيل قدمن جي حمايت ڪئي ويندي، اهو بيان عراقي وزيراعظم حيدرالعبادي ۽ آيت الله خامنئي جي ملاقات بعد جاري ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ العبادي ايراني صدر حسن روحاني سان به ملاقات ڪئي هئي، اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن عراق سعودي عرب سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن، سعودي عرب عراق جي نئين سر تعمير ۾ حصو وٺندي نا ملڪ ۾ ايراني اثر رسوخ گهٽ ڪرڻ چاهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بنگلا ديش ۽ ميانمار روهنگيا پناهگيرن جي 2 سالن ۾ وطن واپسي تي متفق

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلا ديش ۽ ميانمار وچ ۾ روهنگيا پناهگيرن جي وطن واپسي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے