25 سومر , جون 2018

ڪردستان جي آزادي واري ريفرنڊم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي: حيدر العبادي

بغداد (ويب ڊيسڪ): عراقي وزيراعظم حيدرالعبادي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو اهو مطالبو ورجايو آهي ته ملڪ جي نيم خودمختيار علائقي ڪردستان جي آزادي جي نالي تي ٿيل ريفرنڊم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، سندس اهو بيان ظاهري طور ڪردستان جي ان آڇ کي رد ڪرڻ آهي، جنهن ۾ ان علائقي جي آزادي جي ڪوشش کي ”منجمد“ ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي، پنهنجي هڪ بيان ۾ حيدرالعبادي جو چوڻ آهي ته ان جي حڪومت ان ريفرنڊم جي معطلي ۽ آئين جي احترام کانسواءِ ٻي ڪنهن شئي کي تسليم نه ڪندي، ڪردستان جي علائقائي حڪومت طرفان گذريل ڏينهن فوري طور جنگ بندي کانسواءِ آزادي جون ڪوششون منجمد ڪرڻ ۽ وفاقي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب ۾ عورتن جي ڊرائيونگ تي پابندي ختم

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب ۾ عورتن جي ڊرائيونگ تي پابندي ختم ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے