18 جمعرات , جنوری 2018

ڪراچيءَ جي مستقل امن لاءِ ڪجهه تجويزون

بدامني جتي ڏهاڪن تائين سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ عام ڪار وهنوار بريءَ طرح متاثر ڪري رکيو هو، اتي هن شهر ۽ صوبي جي معيشت به متاثر ٿي هئي. شهر ڏهاڪن تائين خوف، دهشت ۽ دٻدٻي جي پاڇي ۾ رهيو پر گذريل ٻن ٽن سالن کان شهر ۾ حالتون سڌرڻ ۽ معمول تي اچڻ شروع ٿي ويون آهن.

ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ آپريشن ۽ شهر تان سياسي هڪ هٽي توڙي دهشتگردن ۽ ڏوهاري مافيائن جي خاتمي کان پوءِ ترقي ٿيندي نظر به اچي ٿي ۽ محسوس ٿئي ٿو ته روشنين جي شهر طور سڃاتو ويندڙ سنڌ جي سسيءَ جي حيثيت رکندڙ هن شهر ۾ هاڻي زندگي ۽ پراڻيون رونقون موٽي آيون آهن.

ڪراچيءَ ۾ بدامني چوٽ چڙهڻ کان پوءِ ملڪ جي اعليٰ عدليه يعني سپريم ڪورٽ ان جو نوٽيس ورتو هو، ائين ورهين تائين ڪراچي بي امني ڪيس ڪورٽ ۾ هلندو رهيو. عدالت ۾ لاڳاپيل ادارن ۽ حڪومت جي اختيارين کي گهرائي کانئن سخت پڇاڻو به ڪيو ويندو رهيو. ان کان پوءِ ٿيو ايئن جو سرڪار سياسي مصلحتن کان مٿانهون ٿي 5 سيپٽمبر 2013ع تي سمورين لاڳاپيل ڌرين ۽ سياسي توڙي مذهبي قوتن جي صلاح سان ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ڪيو. انهيءَ آپريشن جو نتيجو هيءُ نڪتو جو شهر ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي رپورٽن موجب شهر مان ڀُنگ لاءِ اغوا جو ڏوهه سئو سيڪڙو، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتاخوريءَ ۾ 90 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.

دهشتگرديءَ جي خاتمي کان پوءِ شهر اندر ترقياتي ڪمن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ضرورت هئي. راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ معيشت کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت هئي. جنهن سلسلي ۾ به اڳڀرائي ٿيندي نظر اچي رهي آهي.

جيتري قدر هن شهر ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحاليءَ جو سوال آهي ته ان ڏس ۾ به اڳڀرائي ٿيندي نظر اچي رهي آهي. لاهور ۾ سريلنڪا جي ٽيم تي ٿيل دهشتگرد حملي کان پوءِ پاڪستان مان عالمي ڪرڪيٽ گهڻي ڀاڱي موڪلائي وئي هئي.

گذريل سال پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ميچ لاهور ۾ ٿيڻ ان کان پوءِ ورلڊ اليون جي ٽيم جي لاهور ۾ ميچن کان پوءِ پاڪستان اندر عالمي ڪرڪيٽ جي بحاليءَ جي اميد پيدا ضرور ٿي آهي.

ايندڙ سال پاڪستان سپر ليگ منعقد ٿي رهي آهي ۽ سٺي خبر اها آهي ته ان جون چار ميچون ايندڙ سال فيبروري ۾ ڪراچيءَ جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿينديون، جنهن لاءِ گهربل سيڪيورٽيءَ جو جائزو به ورتو پيو وڃي ته نيشنل اسٽيڊيم کي به ڏيڍ ارب روپين جي خرچ سان عالمي ڪرڪيٽ جي قابل بنائڻ لاءِ ڪم به شروع ڪيو ويو آهي. ڇو جو سالن جا سال راند نه ٿيڻ سبب هي اسٽيڊيم ڦٽي ويو هو.

نه رڳو پي سي ايل جون ميچون پر عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي جي سلسلي ۾ شهر اندر امن امان جي صورتحال کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جي سلسلي ۾ عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل يعني آءِ سي سي جي سيڪيورٽي ڪنسلٽنٽ ريگ ڊيڪسن، ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات به ڪئي ته نيشنل اسٽيڊيم جو دورو به ڪيو.

وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي جي سيڪيورٽي ڪنسلٽنٽ وزيراعليٰ طرفان ڪرڪيٽ ٽيمن کي عالمي معيار جي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو يقين ڏيارڻ کان پوءِ چيو آهي ته هو آءِ سي سي کي ڪراچي ۾ عالمي ڪرڪيٽ ميچون ڪرائڻ لاءِ ڪليئرنس ڏيندو.

امن جي قيام کان پوءِ هن شهر جو پراڻو عروج ۽ اصل زندگي موٽرائڻ جي سلسلي ۾ جيڪا اڳڀرائي ٿي آهي سا اطمينان جوڳي آهي پر جنهن ڏينهن آءِ سي سي جو سيڪيورٽي ڪنسلٽنٽ شهر جي دوري تي هو، ان ڏينهن شهر اندر رينجرز هٿان مقابلي ۾ بندش پيل تنظيم سان لاڳاپيل اٺن دهشتگردن جي مارجڻ جي خبر شهه سرخين ۾ ڇپي آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته شهر اندر دهشتگردن جي چيلهه چٻي ضرور ٿي آهي. انهن جون ڪارروائيون به جهڪيون ٿيون آهن پر اهي مڪمل طور ختم ناهن ٿيا.

شهر اندر پائيدار ۽ جٽادار امن جي قيام لاءِ لازمي آهي ته دهشتگردن جا سليپنگ سيل ختم ڪيا وڃن. وڻ وڻ جي ڪاٺي وانگر ڪراچيءَ کي ڪارروائين جو ڳڙهه بڻائيندڙ دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن رک رکاءَ جي جارحاڻي ڪارروائي جي ضرورت آهي. شهر ۾ جيڪي به دهشتگرد ٽولا، دهشتگرد تنظيمون ۽ سندن سرپرست آهن، تن خلاف نئين نموني اهڙي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيئن هن ڌرتيءَ تان انهن جي پاڙ هميشه هميشه لاءِ پٽجي وڃي ۽ اهي شهر جي امن کي باهه ڏئي نه سگهن.

اڱارو 24 آڪٽوبر 2017ع، 3 صفر المظفر 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

مڪلي سيمينار جي اهميت ۽ ضرورت

ڪنهن به قوم جي پهرئين سڃاڻپ ان جي ٻولي آهي ۽ پوءِ تهذيب آهي. قديم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے