24 جمعہ , نومبر 2017

شادي لاءِ ڇوڪري جي عمر 18 سال هجڻ گهرجي: سينيٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڇوڪري جي شادي جي عمر 16 سالن مان وڌائي 18 سال ڪرڻ جو بل منظور ڪري ورتو، اهو بل سينيٽر سحر ڪامران پيش ڪيو هيو، جڏهن ته جادو ٽوڻي کي روڪڻ جو بل به منظور ڪيو ويو، مذهبي معاملن واري وزارت جي عملدارن ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اسلامي نقطه نظر سان بلوغت جي عمر کي پهچڻ تي ڇوڪري جي شادي ڪئي وڃي، جنهن تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي نمائندي چيو ته هڪ ريسرچ مطابق نو سالن کان مٿي بلوغت تصور ٿيندي آهي، اسلامي عالم ڊاڪٽر منير ٻڌايو ته ارڙهن سالن کان گهٽ عمر ڇوڪري کي نه اسان ملڪيت خريد ڪرڻ ڏيندا آهيون، نه گاڏي هلائڻ ڏيندا آهيون ته پوءِ انهن جي شادي ڇو ڪري ڇڏيون، ڪميٽي ۾ موجود اين جي او جي نمائندي چيو ته ننڍي عمرجي شادي سان ماءُ جي صحت تي منفي اثر پوندا آهن، گهٽ عمر ٻارڙين جي اولاد ۾ پيدائش وقت موت جي شرح به وڌيڪ آهي، ڪميٽي سڄي ملڪ ۾ جادو ٽوڻي کي روڪڻ، ڪاري جادو تي پابندي ۽ جعلي پيرن ۽ عاملن خلاف سخت ڪارروائي جو بل به منظور ڪري ورتو، بل ۾ ڪارو جادو ڪندڙ شخص کي گهٽ ۾ گهٽ 2 سالن ۽ وڌ کان وڌ 7 سالن تائين سزا ۽ پنجاهه هزار رپين کان 2 لک رپين تائين ڏنڊ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، بل ۾ جادو ٽوڻي بابت شيون رکڻ تي ٽي مهينا قيد ۽ 25 هزار رپيا ڏنڊ تجويز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قرآن کي جادو ٽوڻي لاءِ استعمال ڪرڻ تي عمر قيد جي سزا تجويز ڪئي وئي آهي، بل موجب تدفين بعد قبر کولڻ تي پابندي هوندي، جڏهن ته ان ڏوهه ڪندڙ لاءِ ست سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ ۽ مردي جو گوشت کائڻ تي 14 سال قيد تجويز ڪئي وئي آهي، ان طرح بل ۾ مسمار شده قبر ۾ ڪارو جادو ڪرڻ تي پابندي، ڪنهن قبر يا مردي مٿان وهنجڻ تي پابندي، ڪفن يا تابوت جي چوري تي سزائون تجويز ڪيون ويون آهن، بل ۾ جادو ٽوڻي بابت اشتهارن، اشاعت ۽ ڪتاب وڪڻڻ يا خريد ڪرڻ تي پابندي هوندي، جنهن جي خلاف ورزي تي هڪ سال قيد ۽ ڏنڊ لڳايو ويندو، بل تحت جعلي عامل ۽ جادو ٽوڻو ڪندڙ عامل کي تحفظ ڏيڻ واري کي به سزا ۽ ڏنڊ لڳايو ويندو، ڪميٽي شراب پي هنگامو ڪندرن کي سزا ڏيڻ جي بل جي به منظوري ڏئي ڇڏي، گهرو وزير احسن اقبال ۽ گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري جي مسلسل غير حاضري تي ڪميٽي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انهن کي لاپتا قرار ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملتان ۾ پوليس تشدد جو نشانو بڻيل پيرسن جوڙو جي شهباز شريف سان ملاقات

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملتان ۾ پوليس تشدد جو شڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے