24 جمعہ , نومبر 2017

مشال خان قتل ڪيس ۾ 53 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست خارج

مردان (ويب ڊيسڪ): خيبر پختونخواهه جي ضلعي ايبٽ آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج فضل سبحان خان اڄ عبدالولي خان يونيورسٽي جي شاگرد مشال خان قتل ڪيس ۾ ملوث 53 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي، عبدلولي خان يونيورسٽي جي شعبي جرنلزم جي شاگرد کي ساٿي شاگردن، يونيورسٽي ملازمن ۽ ڪجهه ٻين 13 اپريل 2017 تي توهين رسالت جو الزام لڳائڻ بعد تشدد ۽ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو، مردان پوليس ان ڪيس ۾ 61 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو هيو ۽ انهن مان 4 ماڻهو اڃا به فرار آهن، جن مان هڪ ڪائونسلر به شامل آهي، باقي 57 ڄڻن مان 53 ضمانت جي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جوابدارن جي خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب هري پور جيل اندر داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، جوابدارن مان 30 دهشتگردي ٽوڙ ايبٽ آباد جي عدالت ۾ ضمانت تي آزادي لاءِ درخواستون داخل ڪري ڇڏيون هيون،

بعد ۾ ڪجهه ٻين جوابدارن به وڪيلن جي ذريعي ضمانت تي آزادي لاءِ استدعا ڪئي هئي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج 18 سيپٽمبر تي ٻنهي طرفان دليل ٻڌي ضمانت جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هيو، جڏهن ته وڪيلن جي درخواست تي عدالت اڄ فيصلو ٻڌائيندي سموريون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون، هري پور سينٽرل جيل ۾ 19 سيپٽمبر تي سمورن گرفتار جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران گواهن جا بيان به قلم بند ڪيا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملتان ۾ پوليس تشدد جو نشانو بڻيل پيرسن جوڙو جي شهباز شريف سان ملاقات

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملتان ۾ پوليس تشدد جو شڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے