20 منگل , فروری 2018

حيدرآباد ۾ گلشن خير محمد جي رهواسڻ مسمات راڻي کوسو پاران تحفظ جي اپيل

عوامي آواز (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي گلشن خير محمد جي رهواسڻ مسمات راڻي کوسو بااثرن جي ڌمڪين جو نوٽيس وٺي تحفظ جي اپيل ڪئي آهي.  حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پنهنجي ڌيئرن سميت پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته لاکڙا پاور هائوس ۽ واپڊا ڪالوني وچ ۾ شفٽون کڻندڙ گاڏين جو مالڪ ۽ ان جي پٺڀرائي ڪندڙ پوليس ۽ سياسي اڳواڻ سندس پٽ جا جاني دشمن بڻجي ويا آهن. هن چيو ته سندس پٽ مختيار کوسو گاڏين جي مالڪ وٽ بس هلائيندو هو، ٺيڪيداري جي معاملي تان اختلاف بعد ڊي ايس پي ۽ سندس پٽ ٽرانسپورٽر جي ونگار وهندي سندن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته مختيار کوسو جي حوالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيو وڃن. عورت، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بهادر آباد گروپ جي فاروق ستار جي اميدوارن کي سينيٽ اليڪشن کان ٻاهر ڪرڻ واري ڪوشش ناڪام

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم بهادر آباد گروپ طرفان فاروق ستار جي اميدوارن کي سينيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے