21 ہفتہ , اپریل 2018

تعليم کاتي بابت تعليم کاتي جا ئي ڇرڪائيندڙ انڪشاف

سنڌ جي تعليم اهڙي ته نازڪ دور مان گذرندي رهي آهي ۽ گذري رهي به آهي جو ان کي سنئين دڳ آڻڻ جا جتن هڪڙي پاسي ته ٻئي پاسي سڄي سنڌ اندر اهو سنجيده بحث به ٿي رهيو آهي ته تعليم جو جيڪو ٻيڙو ٻڏو آهي سو ترندو يا نه؟. سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ گهڻ گهرن جي خدشن ۽ گمانن کي تعليم بابت تعليم کاتي جي ئي سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس اقبال احمد ڪلهوڙي جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ڪميشن اڳيان پيش ڪيل رپورٽ درست ثابت ڪيو آهي.

ٽيون ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ڪميشن جي ٿيل اجلاس ۾ تعليم واري سيڪريٽري اسڪولن اندر پيئڻ جي صاف پاڻيءَ بابت رپورٽ پيش ڪندي ڄاڻايو آهي ته اسڪولن ۾ بجلي، پاڻي، ڪلاس جي ڪمرن ۽ چوديواريءَ جي بنيادي سهولت نه هجڻ ڪري هڪ مهيني اندر هڪ لک شاگرد اسڪول ڇڏي ويا آهن.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ اندر مجموعي طور پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ ٻائيتالهه لک شاگرد ۽ شاگردياڻيون داخل آهن.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صوبي اندر 23 هزار 7سئو 30 اسڪولن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي موجود آهي جڏهن ته 18 هزار 39 اسڪولن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت نه آهي.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت موجب تعليمي ادارن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ڏيڻ لاءِ هڪ منصوبو جوڙيو ويو آهي جنهن جي پهرئين مرحلي ۾ چار هزار اسڪولن ۾ صاف پاڻي فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ باقي اسڪولن کي اها سهولت فراهم ڪئي ويندي.

سنڌ ۾ تعليم جي شعبي کي رڳو اسڪولن ۾ نه اچڻ ۽ ٻار نه پڙهائڻ جي هڪڙي بيماري ناهي لڳل پر هي نظام ڪيئي بيمارين جي ور چڙهي ويو آهي. هڪ بيماري جو علاج ڪجي ٿو ته ٻيون به ڪيتريون ئي بيماريون ظاهر ٿيو پون ٿيون. مثال طور گوسڙو ماسترن کي اسڪول اچڻ جو پابند بڻائڻ لاءِ بائيو ميٽرڪ نظام متعارف ڪرايو ويو. ان نظام جي جيتوڻيڪ مخالفت ڪئي پر اهو مثبت نظام هو جنهن جي سنڌ جي ساڃاهه وندن حمايت ڪئي، اهو نظام لاڳو ڪيو ۽ ان سان استادن جي حاضري به يقيني ٿي. ان نظام تي انهن طرفان رڙيون ٿيون جيڪي اسڪول نه وڃڻ جا عادي هئا ۽ ٻيا اهي جيڪي ويزا ذريعي يا وري يونين جي پڳ پائي اهڙن گوسڙو ماسترن جي سرپرستي ڪري رهيا هئا.

سو هڪڙو شعبو ته سڌريو پر جڏهن هن شعبي کي باريڪ بيني سان ڏٺو ويو ته خبر پئي ته معاملو رڳو استادن جي اسڪول نه وڃڻ جو ناهي پر هتي ته کوڙيءَ کي ئي گهمرو آهي. هڪ ته جيڪي رٽائر يا فوتي ٿي ويا آهن، انهن جي جاءِ تي اي جي آفيس سان گڏجي ڪري تعليم کاتي جي اعليٰ ۽ مقامي سطح جي چڱن مڙسن هٿ ٺوڪيون ڀرتيون ڪري ڇڏيون، قانوني طريقي ڪار جي ابتڙ هن کاتي ۾ ڀرتي ٿيل اهڙن استادن جو تعداد به چون ٿا ته لکن ۾ آهي جن خلاف نيب جي جاچ به هلي رهي آهي.

نه رڳو ايترو پر هاڻي ته اهو انڪشاف به ٿيو آهي ته جتي اسڪول آهن اهي جيڪي اڳ ۾ مال جا واڙا بڻيل هوندا هئا اهي هاڻي جي واڙا ناهن به ته به ان قابل ناهن جو اتي ٻار پڙهائي سگهجن، ڇو جو انهن اسڪولن ۾ ٻارن لاءِ پاڻي جي سهولت به نه آهي، واش روم به ڪونهي، اسڪولن کي پناهه به ناهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻار پڙهن ته ڪيئن پڙهن ۽ والدين اهڙن اسڪولن ۾ ٻارن کي موڪلين ته ڇو موڪلين؟.

سو تعليم جو هي جيڪو نظام بيمارين ۾ وڪوڙجي ويو آهي جنهن کي تعليمي هنگامي حالتون به پنهنجي پيرن تي بيهاري ناهن سگهيون تنهن جي نئين سر جوڙ جڪ جي ضرورت آهي، جائزو ورتو وڃي ته اهڙو تعليمي نظام جتان واقعي به پڙهيل ۽ ڪڙهيل ۽ ڪي عالم پيدا ٿيندا هئا ان جي زوال جو آخر سبب ڇا آهي، هن نظام سان لوڪ وڃي اوڀارو ، اسين لهنوارا واري پرِ ڇو ٿي آهي. سنڌ معياري تعليم کان سواءِ ترقي ڪري نه ٿي سگهي، تنهن ڪري مامرن ۾ منجهڻ بدران، مصلحتن جو شڪار ٿيڻ بدران هن شعبي کي سنئين راهه تي آڻڻ لاءِ بي رحماڻن فيصلن جي جيتري اڄ ضرورت آهي ايتري شايد ڪڏهن به نه هئي.

سومر 23 آڪٽوبر 2017ع، 2 صفر المظفر 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿيل اهم فيصلا

سنڌ ڪابينا جو اجلاس سومر ڏهاڙي نئين سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے