24 جمعہ , نومبر 2017

راني مکرجي جو والد رام مکرجي 84 سالن جي عمر ۾ فوت

ممبئي(شوبز نيوز) ناليواري بالي ووڊ اداڪارا راني مکرجي جو والد فلمساز ۽ پروڊيوسر رام مکرجي 84 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو. بالي ووڊ جي بنگالي حسينه راني مکرجي جو والد فلمساز، اسڪرين رائٽر ۽ پروڊيوسر رام مکرجي آچر تي صبح 5 وڳي 84 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو، رام مکرجي ڊگهي عرصي کان بيمار هو. رام مکرجي زال ۽ راني مکرجي جي ماءُ ڪرشنا مکرجي مطابق رات 2 وڳي ان جي وَر جو بلڊ پريشر اوچتو گهٽجي ويو هو جنهن سبب ان جي طبيعت خراب ٿي وئي، پنهنجي وَر جي حالت ڏسندي هوءَ ۽ ان جا گهر وارا ڊڄي ويا ۽ ان کي فورن ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن ان جي موت جي تصديق ڪئي. راني مکرجي جي وُر ۽ بالي ووڊ جي نالي واري هدايتڪار آديتيا چوپڙا پنهنجي سهري جي موت جي خبر ميڊيا سميت تمام ماڻهن کي ڏني. رام مکرجي جو شمار ڀارتي ۽ بنگالي فلم انڊسٽري جي پهرين صف جي هدايتڪارن ۾ ٿيندو آهي، ان کان علاوه هو فلمااسٽوڊيو جي بانين مان هڪ هو. ان جي بهترين فلمن ۾ 1960ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم ”هم هندوستاني“ جو ذڪر خاص طور تي ڪيو ويندو آهي. ان فلم ۾ سنيل دت، جوئي مکرجي ۽ آشا پاريک مُک ڪردار ادا ڪيو هو. پنهنجي ڌيءُ راني مکرجي کي فلمن ۾ متعارف ڪرائڻ جو سهرو به رام مکرجي تي وڃي ٿو، 1996ع ۾ ان راني مکرجي کي وٺي بنگالي فلم ”بيار ڦول“ ٺاهي هئي، ان کانپوءِ ان راني جي فلم ”راجا ڪي آئي گي بارات“ کي به پروڊيوس ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محنت انسان جي تقدير ئي تبديل ڪري ڇڏيندي آهي: مهرين سيد

لاهور (شوبز نيوز) مشهور خوبصورت پاڪستاني ماڊل مهرين سيد چيو آهي ته محنت انسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے