24 ہفتہ , فروری 2018

”ٽائيگر زندهه هي“ جو پوسٽر جاري، فلم 22 ڊسمبر تي رليز ٿيندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ٽائيگر جي نئين ايندڙ فلم ”ٽائيگر زندهه هي“ جو پهريون پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سلمان خان کي ڏيکاريو ويو آهي جنهن کي شوقينن طرفان گهڻو پسند ڪيو ويو آهي. فلم جي ڊائريڪٽر علي عباس ظفر سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پهريون پوسٽر شيئر ڪندي فلم جي رليز جي تاريخ به ٻڌائي ڇڏي جيڪا هلندڙ سال 22 ڊسمبر آهي. سلمان خان هن وقت ان فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي جيڪا آخري مرحلن ۾ شامل ٿي وئي آهي. فلم جي ڪاسٽ ۾ ليڊ رول ڪترينا ڪيف نڀائي رهي آهي، اها فلم سلمان خان جي فلم ”اڪ ٿا ٽائيگر“ جو سيڪوئل آهي، جيڪا پاڪستان ۽ ڀارتي ڳجهي ايجنسي جي ڪردارن جي حوالن تي ٻڌل هئي. نئين پوسٽر ۾ سلمان خان هٿ ۾ ڪلاشنڪوف کنيون بيٺل آهي، جڏهن ته ان جي مٿي تي زخم جو نشان آهي، جنهن مان اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ٽائيگر زخمي هئڻ بعد وڌيڪ خونخوار ٿي ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اداڪاري منهنجو جنون ۽ روح جي غذا آهي: ڪرينا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ بيبو گرل ڪرينا ڪپور خان چيو آهي ته اداڪاري منهنجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے